بدھ، 14 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير ڪورٽ ٻاهران فائرنگ، هڪ شخص زخمي، پوليس موجب واقعو گهريلو جهيڙي جو نتيجو قرار

سنڌي خبرون 10th Nov 2025 386 مناظر
ملير ڪورٽ ٻاهران فائرنگ، هڪ شخص زخمي، پوليس موجب واقعو گهريلو جهيڙي جو نتيجو قرار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ڪورٽ ٻاهران فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو پوليس موجب فائرنگ ۾ زخمي ٿيل شخص جي سڃاڻپ منظور جي نالي سان ٿي آهي ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو موجب فائرنگ ڪندڙ شخص الله بخش نالي جوابدار آهي، جيڪو واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو ايس ايس پي ملير ٻڌايو ته زخمي منظور کي ڪمر ۽ ٽنگ ۾ ٻه گوليون لڳيون جڏهن⁠ته سندس حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي۔ ابتدائي جاچ موجب فائرنگ جو واقعو گهريلو جهيڙي سبب پيش آيو، جتي جوابدار الله بخش زخمي منظور جي زال جو پهريون مڙس آهي پوليس موجب واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇاپا هنيا ويا آهن ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڳولا جاري آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته جلد جوابدار کي گرفتار ڪري قانون آڏو آندو ويندو۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ