ہفتہ، 10 اکتوبر 2026
بریکنگ

حب چوڪي وٽ ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب عورت ۽ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

سنڌي خبرون 17th Jan 2024 110 مناظر

حب چوڪي وٽ ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب عورت ۽ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

بلوچستان جي شھر حب چونڪي کان رات دير سان لسٻيلا ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي، رات دير سان مسافر ڪوچ حب چونڪي کان لسٻيلا وڃي رھي ھئي ڀڳل روڊ ھجڻ ڪري روڊ کان ڪوچ ھيٺ ڪلٽي کائي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا 15 کان وڌيڪ ڪوچ ۾ فاٿل آھن جن کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آھي ڪوچ مان ڪڍيل زخمي مسافرن کي لسٻيلا ۽ حب چونڪي اسپتالن ۾ پھچايو ويو آھي ۽ فوتين جا لاش بہ لسٻيلا اسپتال ۾ پيل آھن جن جي ھن وقت تائين سڃاڻپ نہ ٿي سگھي آھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ