اليڪشن وقت عوام جيڪي به واعدا ڪيا هئا اهي پورا ڪري رهيا آهيون
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ٺٽي ضلعي جي ماڻهن سان مونکي بي حد محبت آهي سندن هر طرح سان خدمت ڪرڻ منهنجي زميواري آهي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جون ميڊيا سان ڳالهيون تفصيل موجب يوسي جوڻا جي ڳوٺ احمد شورو سميت مختلف ڳوٺن کي ڏنل ڳوٺاڻن روڊن جي تعمير مڪمل ٿيڻ تي صوبائي وزير ورڪس سروس اينڊ جيل خانه جات حاجي علي حسن زرداري چيو آهي ته عوامي خدمت ڪرڻ پيپلزپارٽي جي منشور جو حصو آهي اهڙي زميواري پڻ کيس ٺٽي مان مان اليڪشن ۾ ڪاميابي کان پو۽ ملي آهي ته جئين عوامي جي خدمت ڪري سگهجي جيڪا کيس زميواري ملي ان جي بنيادن تي ٺٽي ضلعي جي هر تعلقي ۾ عوامي خدمت جاري آهي ۽ سندس ڪوشش آهي ته بغير ڪنهن حساب سندس طرفان ترقياتي اسڪيمون ٺٽي جي هر ڳوٺ تائين ملي سگهن ڪيتريون ئي تيزي سان هلندڙ ترقياتي اسڪيمون تي ڪم هلندڙ آهن جنهن ۾ پڪا روڊ واٽر سپلائيز ۽ ٻيون بنيادي فائدو ڏيندڙ اسڪيمون شامل آهن ٺٽي ضلعي ۾ صوبائي حڪومت جي سهڪار سان وڌيڪ ترقياتي رٿائون منظور ڪرايو وينديون جئين عوام کي وڌ کان وڌ فائدو رسي سگهي
0 تبصرے