نوشهروفيروز ۾ ڳوٺاڻن جو پنهنجي سئوٽ نواب خان مري خلاف احتجاج

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺاڻن جو پنهنجي سئوٽ نواب خان مري خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(ڊر)نوشهروفيروز ۾ حاجي سهراب مري جي ڳوٺاڻن جو پنهنجي سوٽ رئيس نواب خان مري جي مبينه ظلمن خلاف احتجاج، ڳوٺاڻن جو مرڻ گهڙيءَ تائين احتجاجي ڪيمپ قائم تفصيل موجب نوشهرو فيروز ڀرسان ڳوٺ حاجي سهراب مري جي ڳوٺاڻن پاران پنهنجي سوٽ رئيس نواب خان مري جي مبينه ظلمن خلاف سخت احتجاج ڪندي پريس ڪلب آڏو مرڻ گهڙيءَ تائين احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ويهي رهيا. احتجاج ڪندڙن بشير مري، سڪندر مري، شبير مري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين پاڪستان پيپلز پارٽي جا سچا ورڪر آهيون، ۽ ووٽ به پيپلز پارٽي کي ڏنو، پر اسان پنهنجي ڳوٺ ۾ غلام سرور مري خلاف آزاد اميدوار بيهاريو، جيڪو اليڪشن کٽي ويو، ان بعد مخالفن اسان جي خلاف انتقامي ڪارروايون شروع ڪيون آهن. هنن جو چوڻ هو ته اسان جي زرعي زمينن تي قبضا ڪيا ويا، پوليس کي رشوت ڏئي اسان مٿان ڪوڙيون ايف آءِ آرون داخل ڪرايون ويون. عيد رات تي اسان تي فائرنگ ڪئي وئي، زمين تي ٽيڪٽر هلرائڻ وقت زبردستي ڪم بند ڪرايو ويو. هاڻي اسان عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهيون جڏهن ته پوليس به قبضو ڪندڙ سان ملي ويئي ۽ اسان کي زمين مان نڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن۔ احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته نواب خان مري جو پٽ نثار مري ايف بي آر ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي، ڀائٽيو قادرداد مري نوشهروفيروز جو اسسٽنٽ مختيارڪار ۽ ڀاءُ تپيدار آهي، جن اختياري پوزيشن جو ناجائز فائدو وٺندي اسان جي زمينن جا ريڪارڊ غيرقانوني طريقي سان تبديل ڪري ڇڏيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي مسلسل ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته ڳوٺ ڇڏي ڏيو، ٻي صورت ۾ اوهان کي قتل ڪيو ويندو. هاڻ اسين مجبور ٿي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي آهي، جيستائين انصاف نه ملي، احتجاج جاري رهندو. هنن اعليٰ اختيارين، خاص طور تي صوبائي وزير ضياءَ لنجار، ضلعي چيرمين سُهيل اختر عباسي، ڊي سي ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندا، جنهن جي سموري ذميواري نواب خان مري، قادرداد مري ۽ تپيدار سهراب مري تي عائد ٿيندي.