ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي باشعور رهواسين پاران ضلعي ۾ تيزي سان پکڙجندڙ منشيات ۽ جوا جي لعنت خلاف سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي، ضلعي پوليس سربراهه ايس ايس پي ملير کي هڪ تفصيلي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ فوري آپريشن ۽ ڪاروائيءَ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملير جا مختلف ڳوٺ، جن ۾ درساڻو ڇنو ، ھائر سيڪنڊري اسڪول سان لڳ باغ، گھگھر سٽي، ڳوٺ دودو ڪبير، محمد سالار، پپري فلٽر پلانٽ ۽ ڳوٺ آچار خان سالار شامل آهن، اتي سرعام منشيات جي وڪري ۽ جوا جي اڏن جو ڪاروبار بي خوف جاري آهي.مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته منشيات جي پکيڙ ۾ ڪجهه سياسي اثر رسوخ رکندڙ فرد، ننڍي سطح جا پوليس اهلڪار ۽ چند نام نهاد صحافي به مبينا طور شامل آهن. خط ۾ زور ڏنو ويو آهي ته صورتحال جي درست تصوير حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺن جي قديمي ۽ معزز سماجي شخصيتن کان مشورو وٺڻ گهرجي. خط ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته هن وقت منشيات خلاف صرف رواجي پوليس ڪارروايون ناڪافي آهن، ان لاءِ رينجرز جي ذريعي هڪ مربوط ۽ بي رحم آپريشن جي ضرورت آهي ته جيئن علائقو هن بدناميءَ واري وبا کان پاڪ ٿي سگهي. ملير واسين ايس ايس پي ملير کان سخت قدم کڻڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته عوام کي توهان کان وڏي اميدون آهن، ۽ اميد رکن ٿا ته توهان امن، صحت مند ماحول ۽ نوجوان نسل کي بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻندؤ.
0 تبصرے