English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سمنڊ مان مڇي ماريندڙ مقامي مهاڻن تي بااثرن جو مبينا حملو، مار ڪٽ بعد مڇي ۽ رڇ ڦري ورتا
98 views
|
14th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
متاثرن مهاڻن بااثرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، نوٽيس وٺي ڪارروائي جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ درگاھ شاھ حسن لڳ سمنڊ ۾ مڇي ماريندڙ مقامي مهاڻن تي بااثرن جو حملو، مار ڪٽ بعد مڇي ۽ رڇ ڦري ورتا، ٻيهر سمنڊ اچڻ تي موتمار ڌمڪيون، متاثر مهاڻن بااثرن خلاف احتجاج ڪندا پريس ڪلب پهچي ويا، پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، نعري بازي، 20 هٿياربندن سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪرڻ دوران اوچتو حملو ڪري تشدد ڪيو ڄار ۽ شڪار ڪيل مڇي کڻي موتمار ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا تفصيل موجب ملير ۾ درگاھ شاھ حسن لڳ سمنڊ ۾ مڇي ماريندي بااثرن جي چرچ تي 20کان وڌيڪ هٿيار بندن مقامي مهاڻن تي اوچتو حملو ڪري ڏنو مٿن تشدد ڪري رڇ ۽ مڇي ڦر ڪر فرار ٿي ويا جنهن خلاف متاثر مهاڻا عثمان شاھ ، قادر شاھ، مشتاق، گلزار، غلام ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رزاق آباد جي مک چوڪ کان ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جيڪي مهاڻن تي حملا بند ڪريو ۽ سمنڊ تان قبضو ختم ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته دگارھ شاھ حسن تي صدين کان آباد آهيون جتي ماهيگيري ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون گذريل ڏينهن انور ، قاسم، زبير ، منور سميت 20 هٿياربندن سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪرڻ دوران اوچتو حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ۽ شڪار ڪيل مڇيون،ڄار ۽ ٻيو قيمتي سامان کسي ڌمڪيون ڏنيون ته سمنڊ اسان جي جاگير آهي هتي ٻيهر مڇي مارڻ آيا ته قتل ڪري ڇڏينداسين ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا هنن چيو ته بااثرن غير ملڪي بنگالين ۽ برمين کي سامونڊي ٻيٽن تي ويهاري قبضو ڪري ورتو آهي جيڪي مختلف وقتن تي پتي جي مد ۾ ماهيگير کان ڀتو وصول ڪري رهيا آهن هنن چيو ته بااثر سمنڊ ۾ مڇي مارڻ نٿا ڏين صدين کان ماهيگيري ڪري پيٽ گذر ڪري رهيا آهيون هنن وڏي وزير، آئي جي سنڌ ، ايس ايس پي ملير کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Mar 2026
•
دنیا
اسرائیل کی جنگ کی قیمت پوری دنیا ادا کر رہی ہے: ترک صدر
25th Mar 2026
•
دنیا
کچھ ممالک نے حقیقی مدد کی، کچھ صرف بیانات تک محدود رہے“ ایرانی حملوں پر یو اے ای کا ردعمل
25th Mar 2026
•
دنیا
ایران کی جانب سے اسرائیل پر فائر کیے گئے میزائلوں پر اسپین کے وزیرِاعظم کی تصاویر! معاملہ کیا ہے؟
25th Mar 2026
•
تازہ ترین
”اپنی شکست کو معاہدہ نہ کہو، خطے سے امریکا کا نام و نشان مٹا دیں گے“ ایرانی فوج کا ٹرمپ کو پیغام
25th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ سينيٽر پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري پاران هڱورجا جي سرڪاري اسپتال جو دورو
25th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سيد ڪاظم علي شاھ لڪياري، سيد محرم علي شاھ لڪياري ۽ سيد فضل علي شاھ جيلاني ۾ ملاقات
25th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پراسرار نموني گم ٿيل ٻارڙِي کي هٿ ڪري ورتو
25th Mar 2026
•
دنیا
اسرائیل کی جنگ کی قیمت پوری دنیا ادا کر رہی ہے: ترک صدر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
مقامي مهاڻن
0 تبصرے