ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي شاهراهه لڳ آباد قديم صابو ھيرو ڪلمتي ڳوٺ تي ھٿيار بندن جي قبضي ۽ ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس طرفان ڪارروائي نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن طرفان ملير ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي دوران متاثر ڳوٺاڻا شير محمد ڪلمتي، حسين ڪلمتي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته جوابدار ڌر عدالتي حڪمن باوجود غير حاضر رهي عدالت ان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس آفيسرن ۽ جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو متاثر ڌر جي وڪيل ايڊووڪيٽ ياسين آزاد عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان صابو ھيرو ڳوٺ جي حق ۾ اسٽي آرڊر به جاري ٿيل آهي رونيو کاتي به ڳوٺ کي قانوني قرار ڏيندي پنهنجي رپورٽ هائي ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي آھي هن ٻڌايو ته ملير ڪورٽ جي حڪم تي هٿيار بند قبضا گيرن خلاف ٿاڻي بن قاسم تي ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي آهي پر بن قاسم پوليس قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، جيڪو قانون ۽ عدالت جي توهين آهي ايڊووڪيٽ ياسين وڌيڪ چيو ته ملير جي حالتن ۾ وڏي خرابي اچي وئي آهي، جتي بااثر ڌريون مختلف ڳوٺن ۽ زمينن تي زبردستي قبضا ڪري رهيون آهن. هن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پوليس کاتي ۾ سڌارا آندا وڃن ۽ صابو ھيرو ڳوٺ تان هٿيار بندن جو قبضو فوري طور ختم ڪرايو وڃي
0 تبصرے