English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس ايس پي گهوٽڪي پاران ضلعي ۾ منشيات, شراب, جوا, آڪڙا پرچي, چرس آفيم ۽ آئس بند ڪرائڻ جو حڪم
272 views
|
17th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سوشل ڪرائيم بند نه ڪرائيندڙ اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪندس ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ خالد وسير) ايس ايس پي گهوٽڪي ضلعي جي سمورن ايس ايڇ اوز کي منشيات, شراب, جوا, آڪڙا پرچي, چرس آفيم ۽ آئس بند ڪرائڻ جو سختي سان حڪم ڏئي ڇڏيو, رپورٽ موجب گهوٽڪي ۾ مقرر ٿيل نئين ايس ايس پي انور کيتران ضلعي جي سمورن ايس ايڇ اوز, وڏن منشين توڙي چوڪي انچارجن کي سختي سان حڪم ڏيندي چيو آهي ته محافظ پنهنجي حدن ۾ سوشل ڪرائيم شراب جا آڏا, جوا, آڪڙا پرچي, چرس آفيم هيرون آئيس ۽ ٻيا غيرقانوني ڪم فوري طور بند ڪرايا وڃن ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران ضلعي جي سمورن ايس ايڇ اوز وڏن منشين ۽ چوڪي انچارجن کي سختي سان وڌيڪ هدايتون ڪيون آهن ته پنهنجي حدن ۾ سوشل ڪرائيم بند ڪرائي ڪليئر سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو وڃي جيڪو به ايس ايڇ او پنهنجي حد ۾ سوشل ڪرائيم بند ڪرائڻ ۾ ڪوتاهي ڪندو ته سندس خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران جي سوشل ڪرائيم خلاف ڪارواين جي حڪم بعد ميرپورماٿيلو پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ميرپورماٿيلو پوليس بوزدار محلي ۾ چڙهائي ڪري منشيات فروشن خلاف ڇاپا هنيا ڪارواين دوران پوليس ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب ايس ايس پي صاحب جي حڪم تي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات فروشن جوارين, خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي سوشل ڪرائيم ۾ ملوث عنصرن خلاف جلد سخت ڪرائي ڪري ڪيس داخل ڪيا ويندا ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ هو ته ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه هوندي, ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪندس ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران چيو آهي ته ڪنهن کي به ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي ڪوڙي ايف آر داخل ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪندس گهوٽڪي ضلعي ۾ ايس ايڇ اوز پنهنجي حدن ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکن جيڪو ايس ايڇ او ڪم نه ٿو ڪرڻ چاهي ته ضلعي مان هليو وڃي ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران ضلعي جي سمورن ايس ايڇ اوز کي سختي سان ھدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي حدن ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکن عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي اگر ڪو به ايس ايڇ او ڪم نٿو ڪرڻ چاهي ته اهو ضلعي مان هليو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميرپورماٿيلو
ايس ايس پي گهوٽڪي
ايس ايس پي انور کيتران
SSP
سوشل ڪرائيم بند نه ڪرائيندڙ اهلڪارن
0 تبصرے