ڪارروائين دوران روپوش جوابدار سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو: پوليس
سجاول.(رپورٽر.)ضلع سجاول ۾ رات دير سان گھٽڪو. منشيات فروش ۽ روپوش ڏوهارين خلاف ڪاروايون جاري. هڪ روپوش سميت 6 ڏوهاري گرفتار ديسي گھٽڪا. وسڪي شراب جون پئنٽون. ديسي شراب ٺرو. آڪڙا پرچي جون بنديون هٿ ڪيس داخل تفصيل موجب. آئي جي پي سنڌ. ڊي آئي جي پي حيدرآباد رينج جي هدايتن جي روشني ۾ ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي حڪم تي ضلع جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ سماجي برائين جي خلاف ڪاروايون جاري. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي جا مختلف علائقن ۾ ٽي جدا جدا ڪاروايون. 1.سجاول چوهڙ باء پاس مڇارا چوڪ ويجھو گھٽڪا فروش ڏوهاري زبير ملاح کي 400 پڙيون گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. 2.سجاول جاتي روڊ باء پاس ويجھو منشيات فروش ڏوهاري فهد لوهار کي 10 عدد وسڪي شراب جون پئنٽن سميت گرفتار ڪري حدود آرڊيننس تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. 3.پبلڪ پارڪ لائبريري سجاول ويجھو آڪڙا ٺڪاڻي تي ڇاپو هڻي سٽي باز ڏوهاري احسان چاڪي کي 2 بنديون آڪڙا پرچي ۽ ڪيش رقم سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او جاتي گشت دوران جاتي ٻارڻ آباد روڊ درگاھ ڍولو پير ويجھو گھٽڪا فروش ڏوهاري وريام چوهاڻ کي 450 پڙيون گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. 2.جاتي چوڪ بٺورو روڊ ويجھو روپوش ڏوهاري محمد حنيف سوهو کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايڇ او بٺورو جي انچارج جاتي چوڪ پوسٽ سان گڏ مختلف علائقن ۾ ٻہ جدا جدا ڪاروايون. 1.جاتي چوڪ بٺورو روڊ مگسي پڪو ويجھو منشيات فروش ڏوهاري وسايو مڱڻھار کي 20 ليٽر ديسي شراب ٺرو سميت گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڏوهاري خلاف حدود آرڊيننس تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
0 تبصرے