English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ھاليچي ڍنڍ ڀرسان قائم ڪمپني جي انتظاميہ جون رهواسين سان مبينا زيادتيون
72 views
|
22nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(ڊر)ھاليچي ڍنڍ ڀرسان قائم ٿيل AY ڪمپني جي انتظاميہ پاران طاقت جي زور تي مقامي رھواسين جو جيئڻ جنجال بنائي سندن رستا، لنگھ بند ڪرڻ بعد ھاڻي کين پنھنجي ئي ڳوٺن مان بيدخل ڪري سندن ڳوٺ وارين زمينن تي قبضا ڪرڻ جون ڪوششون جاري ڪري ڇڏيو، مقامي رھواسي سخت پريشان، متاثرين جون دانھون، انصاف جو مطالبو، ان سلسلي ۾ ھاليچي ڍنڍ لڳ ڳوٺ محمد قاسم ميربحر جي رھواسي شير محمد ميربحر صحافين اڳيان دانھيندي الزام ھڻندي چيو اھي تہ سندن ڳوٺ محمد قاسم ميربحر پاڪستان ٺھڻ کان بہ اڳ جو آباد اھي، جنھن ڳوٺ ڀرسان AY ڪمپني جي انتظاميہ ھاڻي زمينون خريد ڪرڻ بعد مقامي ماڻھن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو اھي، جن پاران مقامي رھواسين کي بلاجواز پريشان ڪري سندن رستا بند ڪرڻ بعد ھاڻي کين پنھنجي ئي ڳوٺ توڙي گھرن مان بيدخل ڪري سندن گھرن واري زمينن تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، پورھيت شير محمد ميربحر چيو تہ سندن روزگار جو وسيلو مڇي ماري ٻچن جو پيٽ گذر ڪرڻ آھي، پر مذڪورہ ڪمپني جي انتظاميہ اسان کان اھو روزگار جو بہ حق کسي بک ۽ بدحالي طرف ڌڪڻ چاھي ٿي، پر اسان پنھنجا ڪکاوان گھر توڙي ڳوٺ ڪنھن بہ صورت ۾ خالي ڪونہ ڪنداسين، شير محمد ميربحر چيو تہ ھن کان اڳ مذڪورہ ڪمپني جي انتظاميہ سوين ايڪڙ سرڪاري زمين، ٽوئرازم کاتي جي بنگلي سميت وڏي ايراضي زمين تي قبضا ڪري مقامي ماڻھن جو جيئڻ جنجال بنائي مقامي 5 ڳوٺن جي پيئڻ جي پاڻي واري واٽر سپلاء جي لائين تي بہ قبضو ڪري ورتو اھي، پر ان قبضاگير ڪمپني جي انتظاميہ خلاف ڪير بہ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھن وزير اعلي سنڌ، ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کان گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري کين پنھنجي ئي ڳوٺ مان طاقت جي زور تي بيدخل ٿيڻ کان بچائي ڪمپني انتظاميہ خلاف ڪاروائي ڪري کين پريشاني کان بچائي کين تحفظ مھيا ڪرڻ سميت کين AY ڪمپني جي انتظاميہ جي زيادتين مان نجات ڏياري سندس خلاف قانوني ڪاروائي ڪرائي ان پاران سرڪاري زمينن، سرڪاري بنگلن سميت جن بہ زمينن تي قبضا ڪيا ويا آھن، اھي قبضا فورن خالي ڪرائي کيس ھتان نيڪال ڏياري وڃي، جيئن مقامي ماڻھون سک جو ساھ کڻي سگھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ھاليچي ڍنڍ
0 تبصرے