English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي جنرل ڪائونسل جو رزاق چانڊيو جي صدرارت هيٺ اجلاس منعقد
199 views
|
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارپوريٽ فارمنگ، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف جدوجھد تيز ڪرڻ جو اعلان
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ضلعي صدر رزاق چانڊيو جي صدرارت ۾ مڪلي لاشاري ھائوس تي ٿيو، اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ مجيد ساگر پرھياڙ شرڪت ڪئي. ڪارپوريٽ فارمنگ، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف جدوجھد تيز ڪرڻ جو اعلان. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 8 آگسٽ 2025 تي منجھند 3 وڳي گجو شھر ۾ ۽ 24 آگسٽ 2025 گھارو شھر ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، وسيلن جي ڦرلٽ، ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، سموري ضلعي جي يونٽن ۾ تعليمي ۽ تربيتي ڪلاس ھلايا ويندا. اجلاس ۾ اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته منشيات کي سموري ضلعي ۾ عام ڪري نوجوانن نسل کي تباھ ڪيو پيو وڃي، ان ڪُڌي ڪاروبار ۾ ضلعي جا بااثر ماڻھون ملوث آھي، ٺٽي ضلعي اندر بدامني روز ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن مان چوريون، ڦُرون روز جو معمول بڻيل آھن، پوليس منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث آھي، امن امان پاسي پوليس جي نظر ڪونھي، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان مطالبو ڪيو ويو ته منشيات ۽ بدامني جو فوري نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني ۽ ساحلي پٽي تي زمينن جي ولار ڪري مڪامي ماڻھن جي وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ۽ سمنڊ جي چاڙھ سبب لکين ايڪڙ زمينون تباھ ٿي رھيون آھن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڊيلٽا ۾ پنھنجي حصي جو پاڻي ڇڏي ساحلي پٽي جون زمينون بچايون وڃن. اجلاس ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ يونٽ دانڌاري جي جنرل سيڪريٽري شمشاد انڙ، عوامي تحريڪ ضلعي اڳواڻ رحمان چانگ جي بابا ۽ سنڌي مزدور تحريڪ ضلعي جي نائب صدر محمد خان سمون جي ڀاء جي وفات تي 2 منٽ جي خاموشيءَ ڪئي وئي. اجلاس ۾ شاھ محمد چانگ، رياض عباسي، گھنور خان زئور، خالق گندرو، بلاول لاشاري، ادريس پليجو، نور محمد ڪنڀر، غلام علي زئور، ايوب انڙ، انور پالاري، درياءَ خان زئور، حميد خشڪ، اسلم سمون، الله بخش بلوچ، ٺارو خان شيخ، امان الله بروھي، ماما ربڏنو نوحاڻي، دريا خان جت، فاضل بلاول لاشاري، معشوق انڙ، وزير سنڌي، محمد خان سمون، رحمان چانگ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي
ڪارپوريٽ فارمنگ
0 تبصرے