English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ناليواري دانشور، ليکڪ ۽ صحافي محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب "ڏيئي هيٺان اوندھ" جي مهورتي تقريب
views
|
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
محمد علي پٺاڻ جي ادبي شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي: زرار پيرزادو ، ڊاڪٽر شير مهراڻي، جاويد مهر ۽ ٻيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ ناليواري دانشور ليکڪ ۽ صحافي محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب "ڏيئي هيٺان اوندھ" جي مهورتي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿي ،علم، ادب، صحافت ۽ سماج جي چونڊ شخصيتن جي شرڪت، زبردست لفظن جي ڀيٽا پيش، محمد علي پٺاڻ ادب شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي هو نه رڳو ڪالم نويس، پر ڪهاڻي، شاعري، ناول، ڊرامي ۽ مضمون نويسيءَ جو سگهارو نالو آهي، جنهن سنڌي ادب کي نوان لاڙا ۽ تازه فڪري ڏيک ڏنا آهن صحافت تلوار ۽ ادب بارود آهي خطاب، تفصيل موجب نالي واري دانشور، سينئر ليکڪ ۽ محمد علي پٺاڻ جي نئين ڪتاب "ڏيئي هيٺان اوندھ" جي مهورتي جي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير جي بابا اڪبر بلوچ هال ۾ ٿي جنهن ۾ ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي حلقن سان واسطو رکندڙ معزز مهمانن محمد علي پٺاڻ، زرار پيرزادو ، ڊاڪٽر شير مهراڻي، جاويد مهر، سيد خدادنو شاھ ، اصغر باغي، عني ڪاندڙو، جمشيد زهراڻي ، آغا شير گل سرڪي، لوڪ راڳي عبدالخالق ڀٽي، قومي ۽ رومانوي شاعر عفور شاھ تقوي فرحان لاڙڪ، ضيا ابڙو، غلام نبي مگسي ،عرفان عباسي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب جي صدارت محمد علي پٺاڻ ڪئي ان موقعي تي ڪتاب تي پنهنجا ويچار ونڊيندي مقررن محمد علي پٺاڻ جي فڪري پختگي، ادبي ۽ صحافتي سچائيءَ تي روشني وجهندي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي هنن چيو ته محمد علي پٺاڻ تي لکڻ، ڄڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي هو نه رڳو ڪالم نويس، پر ڪهاڻي، شاعري، ناول، ڊرامي ۽ مضمون نويسيءَ جو سگهارو نالو آهي جنهن سنڌي ادب کي نوان لاڙا ۽ تازه فڪري ڏيک ڏنا آهن نئون ڪتاب "ڏيئي هيٺان اوندھ" مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل 21 چونڊ ڪالمن تي ٻڌل آهي جن مان هر ڪالم پنهنجي اندر سماجي شعور فڪري وابستگي ۽ اڻ کٽ مشاهدي جو عڪس رکي ٿو هنن وڌيڪ چيو ته محمد علي پٺاڻ مسلسل لکي رهيو آهي هي سندس 36 هين ڪتاب آهي جيڪا رڳو ڪالمن جو مجموعو نه پر هڪ دور، هڪ سوچ، ۽ هڪ سماجي اظهار جو جاکوڙي سفر آهي جيڪو محمد علي پٺاڻ جي فڪري جنم ڀوميءَ مان نڪتل آهي صحافت تلوار ۽ ادب بارود هنن چيو ته عوامي پريس ڪلب ادبي ميڙاڪا ڪوٺائي اديبن ،ليکڪن، سياسي سماجي ڪارڪنن کي پاڻ ۾ جوڙي ڇڏيو آهي جيڪو اعزاز هن صحافتي اداري ڏانهن وڃي ٿو تقريب ۾ عوامي پريس ڪلب ملير طرفان سڀني مهمانن کي گلن ۽ سنڌ جي سڃاڻپ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا جڏهن ته لطيف سائين جي وائي ۽ قومي گيتن سان محفل ۾ قومي جذبي جو رنگ ڀرجي ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
صحافي محمد علي پٺاڻ
ڏيئي هيٺان اوندھ
0 تبصرے