ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ايس ايس پي شاھزيب احمد چاچڙ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد فيضان چيما حادثي واري هنڌ پهتا
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور لڳ ھمايون ڀر سان ھمايون ٿاڻي جي حد ۾ ٽرين حادثي جو اطلاع ملڻ بعد بروقت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب احمد چاچڙ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيما ريسڪيو 1122 ايمبولينس سروس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن سان گڏ واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ويو شڪارپور جي همايون ويجهو پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس جون چار بوگيون پٽڙي کان هيٺ لهي ويون. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو موجب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. ٽرين جي سڀني مسافرن کي باحفاظت منزل تائين پهچايو ويو جڏھن ته ريلوي اختياريون واقعي واري هنڌ ھيوي مشينن سان پھچي ٽرين جي پٽڙي جي مرمت جو ڪم ڪرايو ويو جنھن بعد ٽرين کي روانو ڪيو ويو متاثر ٿيل چئن بوگين کي بہ کڻايو ويو
0 تبصرے