ڏوڪري ۾ ملير جي سينيئر صحافي جي زمين تي مبينا قبضو، 2 ڀائر ۽ هڪ سئوٽ گرفتار

ڏوڪري ۾ ملير جي سينيئر صحافي جي زمين تي مبينا قبضو، 2 ڀائر ۽ هڪ سئوٽ گرفتار

ملير(عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي سينيئر صحافي عوامي پريس ڪلب ملير جي خزانچي جي ڏوڪري ۾ 10ايڪڙ موروثي زمين تي بااثر وڏيري جو مبينا قبضو، لاڙڪاڻي جي ٽن ڪورٽن مان مالڪي جي فيصلي باوجود هٿيار بند وڏيري ميمڻ برادري جي معززين کي مارڪٽ ڪري گهرن ۽ زمين تان زوري بيدخل ڪري ڇڏيو ڏوڪري ٿاڻي تي شڪايت کڻي ويندڙ ٻن ڀائرن کي پوليس ڪوڙو ڪيس مڙهي لاڪپ ڪري ڇڏيو ملير جي صحافي زمين جي قبضي ۽ ڀائرن جي بيگناه گرفتاري خلاف احتجاج ڪندي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي سنڌ جي وڏي وزير اطلاعات جي صوبائي وزير آئي جي سنڌ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين عملدارن کي قانوني ڪاروائي جي اپيل عوامي پريس ڪلب ملير جي هنگامي اجلاس ۾ فوري قبضو خالي ڪرائڻ جي گهر تفصيل موجب ملير جي سينيئر صحافي، ڪي يو جي ورڪرز جي ميمبر ۽ عوامي پريس ڪلب ملير جي خزانچي ڊاڪٽر علي اصغر ميمڻ پريس ڪلب جي عهديدارن سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ڏوڪري ۾ منهنجي ۽ منهنجي خاندان جي 10ايڪڙ موروثي زمين آھي جيڪا ڪيترن ئي سالن کان آباد ڪري پيٽ گذر ڪري رهيا آھيون اسان جي زمين تي مختلف وقتن ۾ بااثر وڏيرن حملا ڪري شريف ۽ ڪمزور ميمڻ برادري کي هٿيارن جي زور تي ڌمڪائي ڊيڄاري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن خلاف اسان لاڙڪاڻي جي ٽن ڪورٽن جوڊيشنل ڪورٽ ڏوڪري سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻو سول ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ داخل ڪيس ۾ عدالتن اسان کي مالڪي جو حق ڏنو جنهن بعد قبضا گير فرار ٿي ويا هن چيو ته تازو وري به لاڙڪاڻي جي بااثر وڏيري ظھور ککراڻي، هٿيار بند وٺي زمين تي زوري قبضو ڪري اتي موجود منهنجي ڀائرن ۽ سئوٽن کي تشدد جو نشانو بڻائي گهرن ۽ زمين تان بيدخل ڪري ڇڏيو جيڪا عدالتن علائقي معززن قانون اخلاق ۽ انساني قدرن جي توهين آھي هن چيو ته اهڙي ڏاڍائي ظلم ۽ بربريت خلاف جڏهن منهنجا ڀائر شڪايت ۽ دانهن کڻي ڏوڪري ٿاڻي پهتا ته وڏيري جي چرچ تي ايس ايچ او ڏوڪري دلي جان مگسي ۽ اي ايس آئي رستم ناريجو ڪوڙو ڪيس مڙھي منهنجي ٻن ڀائرن انور علي ميمڻ منور علي ميمڻ ۽ منهنجي سئوٽ نديم علي ميمڻ کي گرفتار ڪري ٻين کي گم ڄاڻايو آھي صحافي علي اصغر ميمڻ ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ اطلاعات جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل ۽ علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻ کي اپيل ڪئي ته وڏيري جي قبضي خلاف مداخلت ڪري وڏيري ظهور ککراڻي کي گرفتار ڪري قبضو خالي ڪرايو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي طرف پريس ڪلب جي عهديدار جي زمين تي قبضي خلاف عوامي پريس ڪلب ملير جو هنگامي اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ علي اصغر ميمڻ جي زمين تي قبضي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اختيارين کان قبضو خالي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو