English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قمبر ۾ ضلعي صحت کاتي پاران ھيپاٽائٽس جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي
206 views
|
31st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
قمبر(رپورٽر) قمبر ۾ ضلعي صحت کاتي پاران ھيپاٽائٽس جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان صحت کاتي جي آفيسرن، عملدارن، ليڊي ھيلٿ ورڪرز ۽ سي ايم ڊبليو طرفان ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو ۽ اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاريء جي اڳواڻيء ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کان وٺي سي ايم ڊبليو اسڪول تائين ھٿن ۾ بينر کڻي عوام ۾ ھيپاٽائٽس جھڙي موذي مرض بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ لاء ريلي ڪڍي وئي جڏھن ته سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو، ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري، نيورو فزيشن ڊاڪٽر غلام مصطفا تنيو، سي ايم ڊبليو اسڪول جي پرنسپال ڊاڪٽر رضيا سلطانا جروار ۽ فزيشن ڊاڪٽر سنتوش ڪمار چيو ته ھيپاٽائٽس ھڪ موذي مرض آھي ھيپاٽائٽس کان بچاء لاء سموري دنيا ۾ 28 جولاء تي عالمي ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي اھو ڏينھن ملھائڻ جو مقصد اھو ھوندو آھي ته جيئن عوام ۾ ھيپاٽائٽس جھڙي موذي مرض کان بچاء لاء سجاڳي پيدا ڪئي وڃي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ صحت کاتي سنڌ جي مڪمل سھڪار سان ھيپاٽائٽس جي مرض ۾ مبتلا مريضن کي مڪمل ڪورس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قمبر مان مفت ۾ فراھم ڪيو ويندو آھي جڏھن ته ضلعي صحت کاتي قمبر شھدادڪوٽ طرفان اسڪولن ۾ پڙھندڙ شاگردن شاگردياڻين استادن ۽ ٻين ماڻھن جي اسڪريننگ ٽيسٽ ڪئي ويندي آھي ته جيئن اسانجي ضلعي جو عوام موذي مرض کان بچي سگھي ھنن چيو ته اسان عوام کي آگاھ ٿا ڪريون ته اھي عطائي ڊاڪٽرن کان دوا نه وٺن ڇوته انھن پاران لڳايل انجيڪشن مان ھيپاٽائٽس ٿيڻ جو خطرو ھوندو آھي اسان عزم ڪيو آھي ته پنھنجي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ کي موذي مرض ھيپاٽائٽس کان پاڪ بڻائينداسين،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قمبر ۾ ضلعي صحت کاتي
0 تبصرے