نوجوان جي قتل سان ڪو تعلق ناھي بيگناهه اسان کي ڦاسايو پيو وڃي: سڪندر علي کوسو
نوشھرو فيروز(ڊ ر) نوشھروفيروز ويجھو نوان جتوئي ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيل نوجوان فوجي نادر علي کوسو جي قتل جي الزام ھيٺ ايندڙ سڪندر علي کوسو پٽ آصف کوسو سان گڏ قرآن پاڪ کڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چوي ٿو ته اسان جو نوجوان جي قتل سان ڪو تعلق ناھي راھ گناه اسان کي اسان کي ڦاسايو پيو وڃي اسان قرآن پاڪ تي ھٿ رکي ٻئي پيء پٽ مان سڪندر کوسو وس وارن کي ھن قرآن جي واسطي ھٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪيان ته خدارار خدا جي واسطي ھن نوجوان فوجي جي قتل جي صاف شفاف انڪوائري ڪئي وڃي يا جڊيشل انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي يا پاڙي وارن کان قرآن تي پڇيو وڃي اسان ملوث نه آھيو اسان پنھنجو پلاٽن ڪري روزي ڪبدا آھيو ن نه ڏوھاري آھيون نه ڏوھارين جا ساٿي آھيون نه وري نوجوان جي قتل جو اسان سوچي سگھون ٿا
0 تبصرے