English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
معياري تعليم جو فروغ ضلعي انتظاميہ جي اولين ترجيح آهي: ڊي سي سجاول زاهد حسين رند
178 views
|
01st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سمر ڪيمپ ۾ ٻارن کي بهترين صحتمند سرگرميون فراهم ڪيون ويون جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي
سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول زاهد حسين رند چيو آهي ته معياري تعليم جو فروغ ضلعي انتظاميہ جي اولين ترجيح آهي، اسڪولن کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ، بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان آراستہ تعليم وقت جي اھم ضرورت آهي. اھڙن خيالن جو اظهار هُن خواجہ ڪميونٽي بيس اسڪول سجاول پاران منعقد ڪيل ڏهن ڏينهن واري سمر ڪيمپ جي اختتامي تقريب کي مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سجاول ضلعو سنڌ جو هڪ پٺتي پيل علائقو آهي جتي تعليم کاتو تمام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سمر ڪيمپ ۾ ٻارن کي بهترين صحتمند سرگرميون فراهم ڪيون ويون جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي. هن چيو ته بنيادي تعليم هر ٻار جو حق آهي جنهن لاءِ ضلعي انتظاميہ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. ڊپٽي ڪمشنر خواجه ڪميونٽي بيس اسڪول جي اُستادن ۽ انتظاميہ جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي شاگردن جي بهتر تعليم ۽ تربيت لاءِ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين پڻ ڏياريو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٻارڙن پاران لڳايل مختلف اسٽالن جو دورو ڪري سندن حوصلہ افزائي پڻ ڪئي. ڏهن ڏينهن واري سمر ڪيمپ ۾ شاگردن آرٽ، سائنس، موسيقي، مصنوعي ذهانت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، انگريزي ٻولي ۽ ٻيا مختلف تجربہ ڪري لطف اندوز ٿيا. تقريب ۾ اسڪول جي پرنسپل ميڊم زيبا پروين، صدر شيعه امامي اسماعيلي ڪائونسل ٺٽو ۽ شاهبندر ڊاڪٽر نذير احمد خواجه، اعزازي سيڪريٽري شيعه امامي اسماعيلي ڪائونسل ٺٽو ۽ شاهبندر بلاول خواجه، چيئرمين آغا خان سوشل ويلفيئر بورڊ ظهير حسين خواجه، مُکي نوروز علي خواجه، مُکي معشوق علي خواجه، ڪوآرڊينيٽر سي بي ايس اسڪولز سنڌ شريف بيگ، رحيم خواجه، عارف ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي سجاول زاهد حسين رند
سجاول
0 تبصرے