English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
معياري تعليم جو فروغ ضلعي انتظاميہ جي اولين ترجيح آهي: ڊي سي سجاول زاهد حسين رند
views
|
01st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سمر ڪيمپ ۾ ٻارن کي بهترين صحتمند سرگرميون فراهم ڪيون ويون جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي
سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول زاهد حسين رند چيو آهي ته معياري تعليم جو فروغ ضلعي انتظاميہ جي اولين ترجيح آهي، اسڪولن کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ، بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان آراستہ تعليم وقت جي اھم ضرورت آهي. اھڙن خيالن جو اظهار هُن خواجہ ڪميونٽي بيس اسڪول سجاول پاران منعقد ڪيل ڏهن ڏينهن واري سمر ڪيمپ جي اختتامي تقريب کي مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سجاول ضلعو سنڌ جو هڪ پٺتي پيل علائقو آهي جتي تعليم کاتو تمام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سمر ڪيمپ ۾ ٻارن کي بهترين صحتمند سرگرميون فراهم ڪيون ويون جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي. هن چيو ته بنيادي تعليم هر ٻار جو حق آهي جنهن لاءِ ضلعي انتظاميہ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. ڊپٽي ڪمشنر خواجه ڪميونٽي بيس اسڪول جي اُستادن ۽ انتظاميہ جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي شاگردن جي بهتر تعليم ۽ تربيت لاءِ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين پڻ ڏياريو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٻارڙن پاران لڳايل مختلف اسٽالن جو دورو ڪري سندن حوصلہ افزائي پڻ ڪئي. ڏهن ڏينهن واري سمر ڪيمپ ۾ شاگردن آرٽ، سائنس، موسيقي، مصنوعي ذهانت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، انگريزي ٻولي ۽ ٻيا مختلف تجربہ ڪري لطف اندوز ٿيا. تقريب ۾ اسڪول جي پرنسپل ميڊم زيبا پروين، صدر شيعه امامي اسماعيلي ڪائونسل ٺٽو ۽ شاهبندر ڊاڪٽر نذير احمد خواجه، اعزازي سيڪريٽري شيعه امامي اسماعيلي ڪائونسل ٺٽو ۽ شاهبندر بلاول خواجه، چيئرمين آغا خان سوشل ويلفيئر بورڊ ظهير حسين خواجه، مُکي نوروز علي خواجه، مُکي معشوق علي خواجه، ڪوآرڊينيٽر سي بي ايس اسڪولز سنڌ شريف بيگ، رحيم خواجه، عارف ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊي سي سجاول زاهد حسين رند
سجاول
0 تبصرے