ميان صاحب ڀرسان ڪيهر ۽ شر ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز

جيئي سنڌ محاذ جو وفد تڪرار جي خاتمي لاءِ شر ۽ ڪيهر برادري جي نيڪ مردن وٽ پهتا

ميان صاحب ڀرسان ڪيهر ۽ شر ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور جي ميان صاحب ڀرسان ٽيھ سالن کان هلندڙ ڪيهر ۽ شر برادرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاء جيئي سنڌ محاذ شڪارپور جي وفد ڪامريڊ اسدالله سومرو ۔عمران منگي ۔راجا ڀٽو ۽ سمير سومرو ۽ ميان صاحب جا نوجوان سوشل ورڪر راشد علي دايو ۽ علي بخش شر ڪيهر برادري جي چڱي مڙس صحبت ڪيهر ۽ صدام ڪيهر سان سلطان ڪوٽ ۾ وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪئي ٻئي طرف شر برادري جي مک ذميوارن شبير شر ۔بابل شر شير شر سان خوني تڪرار جي خاتمي لاء ملاقات ڪئي وئي ٻنهي ڌرين هاڪاري موٽ ڏيندي چند ڏينهن ۾ پنهنجي برادري جي وڏڙن سان صلاح مصلحت ڪري ورندي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ياد رهي تہ شر ۽ ڪيهر خوني تڪرار ۾ 25 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن هن خوني تڪرار جي ڪري سندن جا اسڪول ويران ۽ زمينون بنجر ٿي چڪيون آھن ۽ ڪيترائي خاندان لڏپلاڻ ڪري چڪا آھن جيئي سنڌ محاذ جو وفد هن خوني تڪرار جي خاتمي جي سلسلي ۾ سردار اختر خان کوهارو سان بہ وفد جي صورت ۾ مليو جنهن هاڪاري موٽ ڏيندي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي .