سجاول ۾ سماجي ڪارڪن گل حسن جت جي سالگره ملهائي ويئي

سجاول ۾ سماجي ڪارڪن گل حسن جت جي سالگره ملهائي ويئي

سجاول (رپورٽر) ٻُڍو ٽالپور ۾ انساني حقن جي علمبردار، سماجي ڪارڪن گل حسن جت جي سالگره سادگي سان ملهائي ويئي .شهرين پاران گل حسن جت جي بيلوث خدمت، انساني حقن لاءِ ڪيل جدوجهد، غريبن جي مدد، ۽ نوجوانن جي ڀلائي لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو.ويو مقررن چيو ته گل حسن جت نه رڳو هڪ سماجي ڪارڪن آهي، پر هڪ اهڙو اتساهيندڙ شخصيت آهي، جيڪو بنا ڪنهن ذات، رنگ يا مذهب جي فرق جي هر مظلوم لاءِ آواز بڻيو آهي.گل حسن جت کي سالگره جي موقعي تي ساڻس محبتن جو اظهار ڪيو ويو. هُن جي عوامي خدمت جي جذبي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سالگره جي آخر ۾ گل حسن جت مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته، "مون جي زندگي جو مقصد ماڻهن جي خدمت ۽ مظلومن لاءِ آواز بڻجڻ آهي، جيستائين حياتي آهي، هن مشن کي جاري رکندو رهندس."