شڪارپور ۾ جشن آزاديءَ جون تقريبون جاري، ڪرڪيٽ ميچ خانپور روينيو ۽ ٽاؤن جي ٽيم کٽي ورتي

شڪارپور جي ٽيم 95 رنسن تي ڍير، ڊي سي شڪيل ابڙو اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور اياز مشوري کي ٽرافي ڏني

شڪارپور ۾ جشن آزاديءَ جون تقريبون جاري، ڪرڪيٽ ميچ خانپور روينيو ۽ ٽاؤن جي ٽيم کٽي ورتي

شڪارپور ( احسان ابڙو ) جشن آزاديءَ جون تقريبون جاري سنڌ حڪومت پاران اعلانيل معرقہ حق جي سري ھيٺ خانپور شھيد راڻي اسٽيڊيم ۾ خانپور روينيو ڏپارٽمينٽ ۽ خانپور ٽاؤن ڪميٽي جي عملي جي وچ ۾ 8 اوورن جي ڪرڪيٽ مئچ منعقد ڪئي وئي جنھن جو مھمان خاص ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل ابڙو شرڪت ڪئي ڪرڪيٽ مئچ دؤران خانپور روينيو ۽ ٽاؤن جي ٽيم ٽاس کٽي پھرين بيٽنگ شروع ڪئي ۽ مخالف ٽيم کي 97 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو شڪارپور روينيو جي ٽيم اوور مڪمل ٿيڻ تي 95 رنسون ڪري سگھي ۽ 3 رنسن تان خانپور روينيو ۽ ٽاؤن ڪميٽي جي ٽيم مئچ کٽي ورتي، مئچ ختم ٿيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل ابڙو پاران کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور اياز مشوري کي ٽرافي انعام طور ڏني وئي، جشن آزادي جي حوالي سان ٿيل ڪرڪيٽ مئچ ۾ مھمان طور چيئرمين سردار زاده مير مھدي حسن خان جتوئي جي ھدايتن تي ٽاؤن ڪميٽي خانپور جي وائس چيئرمين علي مراد خان سيٺار سميت خانپور جي سياسي سماجي ، روينيو ڪلارڪ محمد صلاح جعفري ، اڳواڻن حافظ محمد سليم آرائين، ، سيف اڪبر آرائين، تپيدار پير بخش پٺاڻ، پي اي ٽو چيئرمين ٽاؤن چيئرمين محمد شعبان سنجراڻي سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، وائس چيئرمين علي مراد خان سيٺار پاران ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ، اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور سميت آيل مھمانن کي اجرڪ ۽بٽوپين جا تحفا پيش ڪيا ويا، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران محرم الحرام سميت ٽاؤن ڪميٽي جي آفيس سپريڊنٽ نعيم آرائين، صفائي انچارج انور آرائين ، سيد مھربان شاہ، اليڪٽريشن زاھد آرائين، افظل پٺاڻ سميت ملازمن کي ڪارڪردگي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا.