English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ جشن آزادي معرڪه حق ۽ پوليس جي شهيدن جي حوالي سان تقريب منعقد
44 views
|
04th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي منور عباس سومرو، ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي سان گڏ شهيدن جي يادگار تي گُلدستو چاڙهي فاتحه ڪئي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)جشن آزادي معرڪہ حق جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو، ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي سان گڏ ايس ايس پي آفيس ۾ شهيدن جي يادگار تي گُلدستو چاڙهي فاتحه ڪئي ۽ شهيدن جي عظيم قرباني کي خراج تحسين پيش ڪيو، جڏهن ته پوليس جي دستي پاران سلامي پڻ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم، ايس ڊي پي او وحيد بيگ لاڙڪ، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر فضل قريشي، ڊي ايس پي شڪايت سيل سيد علي گوهر شاهه، ڊي آءِ بي انچارج انسپيڪٽر اي ڊي شيخ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. بعد ۾، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي پاران ڪانفرنس هال ۾ شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي تحفا پڻ پيش ڪيا. ان موقعي تي ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي چيو ته اڄوڪي تقريب نه رڳو شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي پر زنده اهلڪارن لاءِ جرئت، جذبي ۽ فرض جي احساس جي عملي پيغام سان گڏوگڏ شهيدن جي خاندانن جي حوصلا افزائي ۽ مدد ڪرڻ پڻ آهي. هن چيو ته شهيد اسان جا محسن آهن، قوم سندن قرضدار آهي، شهيدن جي قربانين تي فخر آهي، انھن جون لازوال قربانيون ناقابل فراموش آهن. هُن مادر وطن جي امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ پوليس، پاڪ فوج ۽ ٻين شهيدن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي ٻين سمورن عملدارن سان گڏ پوليس لائن مسجد ۾ منعقد قرآن خواني ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي جڏھن تہ پاڪ فوج، پوليس ۽ ٻين سمورن ادارن جي شهيدن جي بُلند درجن ۽ ملڪ ۽ قوم جي سالميت، استحڪام ۽ حفاظت لاءِ دعا پڻ گهري. ان کان علاوه ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ مڪلي قبرستان ۾ پاڪ فوج جي شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي سندن مغفرت لاءِ دعا گهري.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جشن آزادي معرڪه حق
ٺٽو
0 تبصرے