English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد جي غريب آباد سميت مختلف پاڙن ۾ منشيات جو وڪرو جاري
165 views
|
04th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)رزاق آباد جي غريب آباد پاڙي سميت مختلف پاڙن ۾ منشيات جو وڪرو ۽ واهپو وڌي ويو، آئيس، چرس، هيروئن، گٽڪي سميت صحت لاءِ هاڃيڪار منشيات جو کلي عام وڪرو جاري، سرڪاري پرائمري اسڪول، ڪميونٽي سينٽر، ڪمپائونڊ ۾ اڏا قائم، شاھ لطيف پوليس جي نڪ هيٺان منشيات هلڻ لڳي علائقي واسين موجب، شام ٿيندي ئي منشيات فروشن ۽ واپرائندڙن جا ٽولا اسڪول ۽ صحت مرڪز جي ڪمپائونڊ ۾ اچي گڏ ٿين ٿا، جتي ٽوليون ٺاهي شهيد بختاور صحت مرڪز ۽ پرائمري اسڪول ڪمپائونڊ جي احاطي اندر نشو واپرائين ٿا ان صورتحال سبب نه رڳو تعليمي ۽ صحت مرڪز جو ماحول متاثر ٿي رهيو آهي پر نوجوان نسل تيزيءَ سان نشي جي لت ۾ مبتلا ٿي رهيو آهي سماجي ۽ سياسي اڳواڻن سليمان شاهه، ولي محمد گبول، اسلم شاهه، اقبال ڪلمتي ۽ ٻين الزام هنيو آهي ته منشيات فروش ڪجهه پوليس اهلڪارن جي سرپرستي هيٺ هي ڏوهاري عمل جاري رکيو ويٺا آهن سندن چوڻ آهي ته منشيات وڪرو ڪندڙ ڪنهن به معزز شخصيت يا علائقي اڳواڻ جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ مڃڻ لاءِ تيار ناهن، ۽ جڏهن کين منع ڪئي وڃي ٿي ته بااثر منشيات فروش علائقي جي سادن ماڻهن کي ڪوڙين ايف آءِ آرن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏين سان گڏوگڏ بليڪ ميل ڪري ڀتو به وصول ڪن ٿا هنن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري نوٽيس وٺن۽ رزاق آباد جي پاڙي غريب آباد ۾ موجود آئس، چرس ۽ هيروئن جي اڏن سميت سرڪاري ڪميونٽي سينٽر ڪمپائونڊ ۾ قائم منشيات جي اڏن جو خاتمو ڪن، ۽ پوليس اندر موجود سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان نسل کي نشي جي تباهي کان بچائي سگهجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
0 تبصرے