شڪارپور ۾ ڊي سي جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي

پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت جي هميشہ حمايت جاري رکندو: ڊي سي شڪيل احمد ابڙو

شڪارپور ۾ ڊي سي جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي

شڪارپور (احسان ابڙو ) ڪشمير تي ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف جهاز چونڪ شڪارپور کان پريس ڪلب شڪارپور تائين ريلي ڪشمير تي صرف ڪشميرين جو حق آهي پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت جي هميشه حمايت جاري رکندو. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ ڀارت خلاف، ڪشميرَ ۽ ڪشميرين جي حق ۾ اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. ريليءَ ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن، عملدارن شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ريليءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته ڪشمير تي صرف ڪشميرين جو حق آهي پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت جي هميشہ حمايت جاري رکندو ريليءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته 5 آگسٽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي. ڀارت جي آئين جي آرٽيڪل 370 موجب جيڪا ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي. انهن کي هنن ختم ڪيو. ڪشمير کي اقوام متحده جي قراردادن تحت حل ڪيو وڃي ۽ ڪشميري ماڻهن کي انهن جي مرضيءَ جي تحت انهن کي حق ڏنو وڃي، جيڪو اهو 78 سالن ۾ اهو حق نه ڏئي سگهيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته ڪشميري جيڪي لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن رهن ٿا انهن ۾ بيچيني آهي ۽ هي معاملو تمام هڪڙي سنجيده نوعيت جو آهي. ڇو جو پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقت آهن ۽ اسان گهر ٿا ڪيون ته ڪشمير جو مسئلو اقوام متحده جي قراردادن تحت حل ڪيو وڃي ان موقعي تي ريليءَ سان خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نادر علي پنهور، ايم ايس شڪارپور، ڊي اي او تعليم ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن چيو ته اسان گهر ٿا ڪيون ته ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪئي وڃي ۽ انهن کي اقوام متحده جي قراردادن تحت حق خوداراديت ڏنو وڃي.