ملير ۾ تحريڪ انصاف جي ريلي دوران ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

پي ٽي آءِ عمران خان جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي، ايس ايس پي عبدالخالق پيرزادو جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن پاران سندن رستي روڪ

ملير ۾ تحريڪ انصاف جي ريلي دوران ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عمران خان جي جيل مان آزادي لاءِ نڪتل تحريڪ انصاف جي ريلي دوران ملير سٽي ۾ پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ چڪرين ۽ لٺبازي ۾ تبديل ٿي وئي۔ واقعي دوران ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي پوليس موبائلن ۾ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪجهه ڪارڪنن جي زخمي ٿيڻ جون به اطلاعون مليون آهن۔ريلي قومي شاهراهه تان روانا ٿي قائداعظم جي مزار ڏانهن وڃي رهي هئي ته اوچتو پوليس جا اٽالا ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو جي اڳواڻي ۾ موقع تي پهچي ويا۔ پوليس پاران ريلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن بعد تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پاران احتجاج شروع ڪيو ويو پوليس طرفان ڪارڪنن کي منتشر ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ لٺبازي ڪري گرفتاريون ڪيون ويون تحريڪ انصاف جي مقامي اڳواڻن پوليس ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پرامن ريلي تي تشدد غير جمهوري عمل آهي هوڏانهن پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ريلي جي اجازت نه هئڻ سبب ڪارروائي ڪئي وئي، جڏهن ته امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا۔واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري فضا قائم آهي