English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي آزادي لاءِ مظاهرا، ضلعي صدر سميت ڪيترائي گرفتار
208 views
|
05th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
پوليس ضلعي صدر امجد شاهه، هوش محمد عباسي ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ورتو
ٺٽو (ڊر) ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو، جنھن ۾ مظاهرين ۽ پوليس آمهون سامهون اچي ويا، پوليس پرامن احتجاج ڪندڙ پي ٽي آء جي ضلعي صدر ۽ ٻين اڳواڻ کي گرفتار ڪري ورتو، تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي پي ٽي آءِ ٺٽي ۽ مڪلي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا، گڏوگڏ ملڪ جي مختلف حصن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان موقعي تي پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي پي ٽي آءِ جي ضلعي صدر امجد شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري هوش محمد عباسي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، پي ٽي آءِ جي ملڪ گير احتجاج جي سڏ تي، مڪلي ۽ ٺٽي ۾ ڪارڪن وڏي انگ ۾ گڏ ٿيا، عمران خان جي آزادي ۽ حڪومت خلاف زوردار نعرا هنيا. مظاهرين موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي ان کي سياسي انتقام قرار ڏنو ۽ چيو ته عمران خان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ٻن سالن کان قيد ڪيو ويو آهي، جيڪو انصاف جي اصولن جي خلاف آهي. ممڪن احتجاج کي روڪڻ لاءِ ٺٽي ۽ مڪلي ۾ وڏي پوليس فورس مقرر ڪئي وئي هئي، ۽ احتجاجي مارچ شروع ٿيندي ئي انهن مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي جهيڙي ۽ زباني تلخ ڪلامي جا واقعا پڻ پيش آيا. ٻئي طرف مقامي پي ٽي آءِ اڳواڻن پنهنجي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ ھنن چيو آهي ته پرامن احتجاج هر شهري جو آئيني حق آهي ۽ موجوده حڪومت عوامي آواز کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪري رهي آهي، انهن مطالبو ڪيو ته گرفتار اڳواڻن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۽ مڪلي
پوليس ضلعي صدر امجد شاهه
PTI
0 تبصرے