ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي آزادي لاءِ مظاهرا، ضلعي صدر سميت ڪيترائي گرفتار

پوليس ضلعي صدر امجد شاهه، هوش محمد عباسي ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ورتو

ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي آزادي لاءِ مظاهرا، ضلعي صدر سميت ڪيترائي گرفتار

ٺٽو (ڊر) ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو، جنھن ۾ مظاهرين ۽ پوليس آمهون سامهون اچي ويا، پوليس پرامن احتجاج ڪندڙ پي ٽي آء جي ضلعي صدر ۽ ٻين اڳواڻ کي گرفتار ڪري ورتو، تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي پي ٽي آءِ ٺٽي ۽ مڪلي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا، گڏوگڏ ملڪ جي مختلف حصن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان موقعي تي پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي پي ٽي آءِ جي ضلعي صدر امجد شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري هوش محمد عباسي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، پي ٽي آءِ جي ملڪ گير احتجاج جي سڏ تي، مڪلي ۽ ٺٽي ۾ ڪارڪن وڏي انگ ۾ گڏ ٿيا، عمران خان جي آزادي ۽ حڪومت خلاف زوردار نعرا هنيا. مظاهرين موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي ان کي سياسي انتقام قرار ڏنو ۽ چيو ته عمران خان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ٻن سالن کان قيد ڪيو ويو آهي، جيڪو انصاف جي اصولن جي خلاف آهي. ممڪن احتجاج کي روڪڻ لاءِ ٺٽي ۽ مڪلي ۾ وڏي پوليس فورس مقرر ڪئي وئي هئي، ۽ احتجاجي مارچ شروع ٿيندي ئي انهن مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي جهيڙي ۽ زباني تلخ ڪلامي جا واقعا پڻ پيش آيا. ٻئي طرف مقامي پي ٽي آءِ اڳواڻن پنهنجي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ ھنن چيو آهي ته پرامن احتجاج هر شهري جو آئيني حق آهي ۽ موجوده حڪومت عوامي آواز کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪري رهي آهي، انهن مطالبو ڪيو ته گرفتار اڳواڻن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.