ريلي ۾ روينيو، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، اوقاف، هاءِ وي، انفارميشن، مرف، صحت، تعليم ۽ ٻين کاتن جا آفيسر به شريڪ
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڪشمير جي استحصال جي ڏھاڙي جي موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شاڪر فهيم جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ روينيو، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، اوقاف، هاءِ وي، انفارميشن، مرف، صحت، تعليم ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن، مختلف اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻھن جي هٿن ۾ ڪشميري جهنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي مظلوم ڪشميرين ۽ پاڪستاني فوج جي حق جڏھن تہ هندستاني ظلمن جي خلاف نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شاڪر فهيم، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي، ڊي اي او سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي، ڊي اي او پرائمري نور سرائي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير جي خاص حيثيت جو خاتمو نه رڳو غير قانوني آهي پر گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي فيصلن جي واضح خلاف ورزي پڻ آهي. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شہ رڳ آهي ۽ ملڪ ۾ هڪ ئي وقت ڪشمير استحصال جو ڏينهن ملهائڻ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي زنده مثال آهي. هنن چيو ته ڪشمير پاڪستان جو هڪ اهم حصو آهي ۽ هميشه رهندو ڇو ته پاڪستان ڪشمير کان سواءِ نامڪمل آهي.
0 تبصرے