پوليس ڪاشف سولنگي کي کنڀي رشوت نه ڏيڻ تي مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو: الزام
مورو (جاني جماڻي)مورو ويجھو ڪانڌڙو ڪالوني جي رھواسين وزير علي سولنگي، مھتاب علي سولنگي، عزادار راجا سولنگي، ساجد علي جويو، مولائي لياقت ڪانڌڙو، محمد ياسين جويو، امجد مگسي، انصاف سولنگي ۽ ٻين چيو ته ڪورائي ٿاڻي جي پوليس اسان جي 14 سالن جي ڇوڪري ڪاشف سولنگي کي بنا ڏوھ کي ڪيبن تان کڻي ويا جنھن جا پئسا گھر ڪيا ويا نه ڏيڻ تي اسان جي ڇوڪري مٿان چرس جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي ھنن الزام ھڻندي چيو تہ ايس ايڇ او محمد علي ڏھراج، جمعدار اسحاق ڍلو مسلسل ظلم ڪري رھيا آھن جيڪي رشوت جي گھر ڪن ٿا نہ ڏيڻ تي اسان کي تنگ ڪري رھيا آھن جنھن سبب ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو ھنن وس وارن گھرو وزير، آء جي سنڌ، ڊي آء جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي ايس پي مورو سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ مذڪورا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي ڇوڪري مٿان داخل ڪيل چرس جو ڪوڙو ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0 تبصرے