سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جي ڊائريڪٽر قربان شيخ جي طبيعت خراب

سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جي ڊائريڪٽر قربان شيخ جي طبيعت خراب

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)اسٽيج. فلم. ۽ سنڌي چيئنل جو ڊائريڪٽر قربان شيخ جي طبيعت خراب ھجڻ ڪري ھو ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ وجي پھتو . ڊائريڪٽر قربان شيخ وٽ جيڪڏهن وسائل ھجن ھا ته ھو پرائيويٽ اسپتال ۾ علاج لاءِ وجي ھا.پر غريب سبب مھانگي اسپتال ناھي وجي سگھيو. ڊائريڪٽر قربان شيخ فني دنيا جو ھڪ ادارو آهي. ھن ان دؤر م پنھنجي ڊائريڪٽر شن م اسٽيج ڊراما ۽ فلمون ڏنيون جيڪو اسٽيج ڊرامن جو دؤر پڄاڻي تي پهتو هو. پر ھن درويش فن ۽ ادب کي زندھ رکيو. جيڪو اڄ تائين جاري رکيون پيو اچي. ڊائريڪٽر قربان شيخ فقيري صفت انسان آھي . ھن ھميشه اھو خيال رکيو آھي ت جنھن انسان م ٽيلينٽ موجود آهي ڇو ن ان کي کڻي اڳتي اچجي. ھي صرف خيال ناھي. پر ان تي عمل ب ڪري ڏيکاريو آهي. ڊائريڪٽر قربان شيخ ڊراما ڊائريڪٽر سان گڏوگڏ شاعر ب آهي. ت سماجي ورڪر ب آھي . قربان شيخ ھر مونجھيل انسان کي بھترين صلاح ڏيندڙ آھي ڊائريڪٽر قربان شيخ جي ھينئر جسم جون رڳون ھلندي ھلندي سن ٿي وجن ٿيون. تنھن تڪليف سبب گھڻو ٽائم شوٽنگ تي بيھي ناھي سگھندو .پر ڊائريڪٽر قربان شيخ آيل تڪليف کي ليکي ئي نٿو . تنھن ھوندي به فن کي ڇڏي ڪون ٿو. ھن جو فن ادب سان بيحد عشق آھي. اھڙي فن ادب جي انسان جي ثقافت کاتي وارا واھر ڪن. ۽ ھن جو علاج ڪنھن بھترين اسپتال مان ڪرايو وڃي. فنڪار زندھ رھندو ته فن به زندھ رھندو.