ڪنري ۽ ٻسٽان ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻا، اڳوڻو ايم اين اي لال مالهي ۽ ٻيا به شريڪ

ڪنري ۽ ٻسٽان ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻا، اڳوڻو ايم اين اي لال مالهي ۽ ٻيا به شريڪ

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)بدامني ۽ پوليس نااهلي خلاف ڪنري ۽ ٻسٽان ۾ شٽر بند هڙتال، احتجاجي ريليون ۽ ڌرڻا، اڳوڻو ايم اين اي لال مالهي ۽ اڳوڻو صلاحڪار دوست محمد ميمڻ به ڌرڻي ۾ پهتا ،خبر موجب، ڪنري ۽ ڀرپاسي بدامني جي وڌندڙ واقعن خلاف ڪنري ۽ ٻسٽان ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي جنهن سبب اڪثر مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ ڪاروبار بند رهيو ڪيترن ئي هنڌن تي ٽائر ساڙي رڪاوٽون وجهي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي۔ جڏهن ته ڪنري جي مک آمريڪا چوڪ ۽ ٻسٽان جي مين چوڪ تي ڌار ڌار ڌرڻا هڻي سخت احتجاج ڪري نعريبازي پڻ ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن چيو ته علائقي ۾ بدامني، چوري ۽ ڦرن جي وارداتن جي واقعن ۾ واڌ ٿي وئي آهي ڏينهن ڏٺي ڦرون پيون ٿين ۽ پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ آهي۔ مهلت باوجود پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪيا ۽ نه ئي ڦر ٿيل سامان برآمد ڪيو هوڏانهن پي ٽي آئي اڳواڻ لال مالهي ۽ اڳوڻو صلاحڪار ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ پارٽي ورڪرن سان گڏجي ريلي جي صورت ۾ ڪنري واري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪيو لال مالهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنري جهڙي پرامن علائقي ۾ سازش تحت حالات خراب ڪيا ويا آهن عمرڪوٽ سميت سنڌ ۾ پوليس رڳو پروٽوڪول فورس بڻيل آهي انهي ڪري امن امان جي صورتحال تباھ، ڏوھ ۽ منشيات فروشي وڌي رهي آهي سنڌ ۾ پوليس جو 180 ارب روپيا بجيٽ آهي پر ڪارڪردگي نه هجڻ سبب اهو عوام جو پئسو ضايع پيو ٿئي عوام جي جان مال جي تحفظ بدران پوليس رڳو حڪمران ڌر کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ پوري آهي انهي ڪري صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وڃي هاڻي ڏوهاري منهن لڪائڻ بدران منهن کولي بنا خوف جي وارداتون ڪن پيا افسوس ته جنهن سي سي ٽي وي مان ڏوهارين جا فوٽيج ظاهر ٿيا اهي پوليس ۽ سندن ڪرتا درتا پاڻ سان گڏ کڻي لڪائي رهيا آهن ۽ پر اسان پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي اڪيلو ڪون ڇڏينداسين هر ممڪن ساٿ ڏنو ويندو احتجاج ڪندڙن چتاء ڏنو ته جلد ڏوهاري گرفتار ڪري امن امان بحال نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو هوڏانهن ٽائون ڪميٽي ڪنري جي چئيرمين حاجي شڪيل باجوا انتظامي عملدارن سان گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو تر ڪافي عرصي تائين پر امن ترين رهيو پر هئينر ڪجھ شرپسند عناصر ماحول خراب ڪن پيا تن کي ڪنهن صورت بخش نه ڪيو ويندو انشاالله ٻارنهن ڪلاڪن ۾ ڏوهاري گرفتار ٿيندا اسان پنهنجي علائقي جي ماڻهن سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين ماحول خراب ڪندڙ کي بخش ڪون ڪيو ويندو