.جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ گڏاپ ٽائون جي مرڪزي ۽ ڪيمپ آفيسن کي سينگاريو ويو آهي: طارق عزيز بلوچ
ملير (رپورٽ:عبدالرشيد مورجھريو)ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ ۾ "معرڪوءِ حق" جي عنوان سان جشنِ آزادي پاڪستان 2025 جون شاندار تقريبون پهرين آگسٽ کان پوري جوش ۽ جذبي سان جاري آهن. انهن تقريبن جي اڳواڻي چيئرمين طارق عزيز بلوچ، وائيس چيئرمين جام محمد جوکيو ۽ ميونسپل ڪمشنر احمد يار ڪري رهيا آهن.جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ گڏاپ ٽائون جي مرڪزي ۽ ڪيمپ آفيسن کي برقي بلبن سان خوبصورتيءَ سان سينگاريو ويو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ حب الوطنيءَ سان ڀرپور ريليون، فٽبال ميچن جا فيسٽيول، ملي نغما ۽ شعور بيداريءَ تي ٻڌل سرگرميون شامل آهن.11 آگسٽ تي ڪيمپ آفيس TMC گڏاپ (ويجهو ڊي سي ايسٽ آفيس ڪراچي) ۾ هڪ شاندار ميگا ميوزيڪل شو "جشنِ پاڪستان" ۽ دلڪش آتشبازيءَ جو اهتمام ڪيو ويندو، جنهن کي شهر جي يادگار تقريبن مان هڪ شمار ڪيو پيو وڃي. ان شاندار تقريب جو آرگنائيزر ڊائريڪٽر پراپرٽي سهيل يار خان آهي، جن جي نگرانيءَ ۾ هيءُ پروگرام نهايت منظم طريقي سان ترتيب ڏنا پيا وڃن.چيئرمين طارق عزيز بلوچ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جشنِ آزادي اسان کي انهن عظيم قربانين جي ياد ڏياريندو آهي، جن جي نتيجي ۾ اسان کي هيءُ آزاد وطن مليو. گڏاپ ٽائون ۾ "معرڪوءِ حق" تحت هنن تقريبن جو مقصد نوجوان نسل ۾ حب الوطني، اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جا جذبا پيدا ڪرڻ آهي. اسان چاهيون ٿا ته عوام ڀرپور طريقي سان انهن سرگرمين ۾ شرڪت ڪن ته جيئن پاڪستان سان محبت جو پيغام هر دل تائين پهچي.وائيس چيئرمين جام محمد جوکيو پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته، "معرڪوءِ حق" رڳو تقريبن جو نالو نه، پر اها اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ نظرياتي وابستگيءَ جي علامت آهي. اسان انهن پروگرامز ذريعي عوام کي هڪ اهڙو پليٽفارم مهيا ڪيو آهي جتي هو آزاديءَ جي اهميت ۽ قيمت کي سمجهي سگهن.ميونسپل ڪمشنر احمد يار چيو ته، هي تقريبون رڳو تفريحي نه، پر شعور بيداري ۽ قومي يڪجهتيءَ جي عملي مثال آهن. گڏاپ ٽائون انتظاميا عوام جي خوشين کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ بهترين انتظامات ڪيا آهن. ان شاءَ الله، 11 آگسٽ جو ميگا شو هڪ يادگار ۽ تاريخي تقريب ثابت ٿيندو.عوام کان اپيل ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي گهراڻن سميت ان تقريب ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ۽ پنهنجي قومي پرچم سان گڏ هن عزم جي تجديد ڪن ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندا.
0 تبصرے