چوهڙ جمالي ۾ وڻڪاري مهم جي شروعات

ڊي سي زاهد حسين رند وڻ پوکي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو

چوهڙ جمالي ۾ وڻڪاري مهم جي شروعات

سجاول (گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند معرڪه حق جشن آزادي ۽ ماحولياتي تبديلي جي مناسبت ۾ چوھڙ جمالي ۾ وڻڪاري مهم جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي، جتي هن جنگلات کاتي ۽ ٻين عملدارن سان گڏجي ڏھ هزار وڻ پوکيا.ان موقعي تي هن چيو ته وڻ نه رڳو ماحولياتي تحفظ جا ضامن آهن پر ايندڙ نسلن لاءِ پڻ قيمتي سرمايو آهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو ان قومي مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ هر شهري کي گھرجي ته هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ ضرور پوکي ۽ ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ عوام کي وڻن جا ٻوٽا مفت مهيا ڪيا پيا وڃن . هن وڌيڪ چيو ته وڻڪاري مهم تحت سڄي ضلعي ۾ 50 هزار وڻ پوکڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي، جن ۾ مقامي آبهوا سان تعلق رکندڙ مختلف وڻن جي قسمن کي ترجيح ڏني پئي وڃي ته جيئن ضلعو سرسبز ۽ شاداب بڻائي عوام کي خوشگوار ماحول فراهم ڪري سگهجي