جيڪڏهن ظلم تي خاموش رهنداسين ته تبديلي ڪڏهن به نه ايندي: جسٽس صلاح الدين پنھور

ننڍو وڏيرو به نٿو چاهي ته ڳوٺ جو هاريءَ جو پٽ پڙهي، مون پاڻ 39 هارين جون نياڻيون اسڪول موڪليون، جيڪي اڳ گهرن ۾ ڪم ڪنديون هيون

جيڪڏهن ظلم تي خاموش رهنداسين ته تبديلي ڪڏهن به نه ايندي: جسٽس صلاح الدين پنھور

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس صلاح الدين پنھور خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ صدر شريف ڀيل، نائب صدر ميان بخش کوسو، جنرل سيڪريٽري لياقت سهتو سميت ٻين عهديدارن کان حلف کڻايو ويو، تقريب ۾ وڪيلن، سياسي شخصيتن ۽ شهري برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ ۾ رٿيل حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس صلاح الدين پنھور چيو تہ عمرڪوٽ ٿرپارڪر منهنجو اباڻو علائقو آهي، مان هتي مهمان نه پر ميزبان آهيان، مون وڪالت جو آغاز ميرپورخاص بار کان ڪيو ۽ 18 سال پريڪٽس ڪئي، روز عدالتن ۾ حلف کنيا وڃن ٿا، پر اصل سوال انهن جي پاسداري جو آهي، اسان بنا سبب جي ڪمپرومائيز ڪندا آهيون، جيڪڏهن ظلم تي خاموش رهنداسين ته تبديلي ڪڏهن به نه ايندي، هن چيو ته اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ ۾ منشيات سسٽم کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، هڪ جج ٻڌايو ته نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ ٽن بارز جي وڪيلن قاتلن لاءِ وڪالت ناما داخل ڪيا، جيڪو اسان جي پيشه ورانه ايمانداري تي وڏو سوال آهي، قانون جي غلط استعمال تي تنقيد ڪندي جسٽس صلاح الدين چيو ته ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ايڪٽ اصل ۾ هارين، مزدورن ۽ غريبن لاءِ ٺهيو هو، پر ڪنهن به وڪيل يا جج ان کي صحيح نموني پڙهيو ئي نه، ۽ مفاد پرستن ان تي قبضو ڪري ورتو، تعليم جي ابتري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هن چيو ته عمرڪوٽ جي لائبريري جهڙي بنيادي سهولت به ناهي، ننڍو وڏيرو به نٿو چاهي ته ڳوٺ جو هاريءَ جو پٽ پڙهي، مون پاڻ 39 هارين جون نياڻيون اسڪول موڪليون، جيڪي اڳ گهرن ۾ ڪم ڪنديون هيون، انهن مان ڪيترين انٽر تائين تعليم حاصل ڪري ورتي آهي، توهان به اهو ڪري سگهو ٿا، انتظاميه ۽ پوليس تي ڇوهه هڻندي جسٽس صلاح الدين پنھور چيو ته سکر ۾ ايس ايس پي سطح جا آفيسر پاڻ مڃي رهيا آهن ته عوام کي رليف نه ٿا ڏئي سگهن، ڇو ته سندن اختيار کسي ڇڏيا ويا آهن، جيڪڏهن اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون ته استعيفا ڏئي گهر هليا وڃون، انڊس ڊيلٽا جي تحفظ تي زور ڏيندي چيو ته اهو ڪو سياسي نعرو نه آهي، پر قانون ۽ يو اين اي ڪنوينشن جو حصو آهي، عزت وڏي گاڏي ۽ پئسن ۾ ناهي، پر ڪردار ۾ آهي، ڪرسي تي ويهڻ سان اسان پاڻ کي حاڪم سمجهون ٿا، پر اصل ۾ مددگار بڻجي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي، جيڪا عدالت سائل کي انصاف نه ڏئي سگهي، اها بند ٿيڻ گهرجي، تقريب ۾ بار جي صدر شريف ڀيل چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪندي عمرڪوٽ ضلعي انتظاميه تي سخت تنقيد ڪندي چيو تہ عمرڪوٽ شهر منشيات، ڏوهن ۽ انتظامي نااهلي جي ور چڙهيل آهي، سياسي اڳواڻن جي سرپرستي ۾ منشيات جو ڪاروبار کلي عام هلي رهيو آهي، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ پوليس حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن، شهر کي کنڊر بڻائي ڇڏيو ويو آهي، روڊ ٽٽل آهن، گندگي جا ڍير ۽ پاڻي، بجلي جو بحران روز جو معمول بڻجي ويو آهي، شهر ۾ هڪ به جديد لائبريري ناهي، جڏھن ته اعزازي مھمانن ۾ جسٽس ھائي ڪورٽ سنڌ جان علي جوڻيجو، ھائي ڪورٽ بار ايسوسيئشن ڪراچي جي سينيئر وڪيلن يوسف لغاري، نند ڪمار گوڪلاڻي، سنڌ بار ڪائونسل ميرپورخاص جي ميمبر ايڊووڪيٽ شير محمد وساڻ ۽ ٻيا موجود هئا جڏھن تہ تقريب ۾ راڳ، رهاڻ ۽ ٻين ثقافتي رنگارن سان گڏ نوجوانن پاران رقص پڻ پيش ڪيو ويو، جنهن سان ماحول خوشگوار بڻجي ويو.