English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ معرڪه حق جي حوالي سان منشيات خلاف ريلي ڪڍي وئي
72 views
|
08th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ريلي جي اڳواڻي اي ڊي سي ون غلام دستگير شيخ پاران ڪئي وئي
ٺٽو( شفيق ڀٽي)جشنِ آزادي "معرڪه حق" جي سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ جي اڳواڻي ۾ گٽڪي، مائي ۽ ٻين نقصانڪار نشي آور شين جي خلاف عوامي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ صحت کاتي ۽ مڪاني ڊاڪٽرن جي سهڪار سان سول اسپتال مڪلي کان آگاهي ريلي ڪڍي ويئي . ريلي جو مقصد نوجوانن ۽ عام ماڻهن کي انهن موذي عادتن کان بچائڻ ۽ صحتمند زندگي ڏانهن راغب ڪرڻ هو. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي رکيا هئا جن تي "منشيان کان انڪار، زندگي سان پيار"، "گٽڪو – موت جو پيغام"، ۽ "نشو – هڪ ناسور" جهڙا نعرا لکيل هئا . ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر غلام دستگير شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه، مشهور ۽ معروف سينيئر ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر شيام ڪمار، سول سرجن ڊاڪٽر يامين شاهه، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشيل ويلفيئر خدا بخش ٻهراني ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گٽڪو، مائو ۽ نشي آور شين جي استعمال سبب ڪينسر سميت ڪيترائي موذي ۽ جان ليوا مرض جنم وٺن ٿا، تنهنڪري اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي ان ناسور کان بچائڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي . هنن عزم جو اظهار ڪيو ته اهڙين آگاهي مهمن جو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو ته جيئن صحتمند ۽ منشيان کان پاڪ سماج جوڙجي سگهي . ريلي ۾ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف، تعليم، صحت، روينيو کاتن جي عملدارن، مختلف اين جي اوز، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ٺٽي ۾ معرڪه حق
0 تبصرے