English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ناليواري اديب شاعر صحافتي سماجي اڳواڻ سورج سجاولي جي چوٿين ورسي، ڀيٽا پيش
views
|
08th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سورج سجاولي تاريخ جو وڏو نالو هو، جيڪو هميشه مظلومن جو آواز بڻيو: منظور رحيم پليجو ۽ ٻيا
سجاول (رپورٽر) سنڌ جي قومي عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي فرزند، پريس ڪلب سجاول جي اڳوڻي صدر، پ پ پ اڳواڻ ۽ بھترين شاعر سورج سجاولي جي چوٿين ورسي سادگي سان ملهايي وئي. ان موقعي تي سندس قبر تي گلن جي چادر چاڙهي وئي ۽ دعا گهري ويئي. جڏھن ته سرويچ نگر م قرآن خواني جو پڻ احتمام ڪيو ويو ,ورسي جي تقريب ۾ سياسي، سماجي، صحافتي حلقن سميت اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن سورج سجاولي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو تاريخ جو وڏو نالو هو، جيڪو هميشه مظلومن جو آواز بڻيو. سندس خدمتن جي بدولت اڄ به سڄي سنڌ کيس ياد ڪري ٿي.تقريب ۾ پ پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري منظور رحيم پليجو، سورج سجاولي جي وارثن مان نجيب سرويچ، عادل سرويچ، پريس ڪلب سجاول جي صدر اسماعيل سرويچ، سليم کوسو ملڪ صديق ملاح ، شبير سمون، عبدالغفار ٻارڻ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن عبد سنڌي، اياز امر شيخ، اصغر ميمڻ، سڄڻ سنڌي، پ ٽ الف اڳواڻ عرفان سومرو، عبدالشڪور، ميربحر ، عبدالغفور ميمڻ، صديق آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.شرڪت ڪندڙن سورج سجاولي جي ادبي، سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هو سدائين سنڌ ڌرتيءَ لاءِ آواز اٿاريندو رهيو، جنهن جي بدولت هو هميشه سنڌ واسين جي دلين ۾ زنده رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Aug 2025
•
تازہ ترین
بیرون ملک پاکستانی "برین ڈرین نہیں بلکہ برین گین" ہے، فیلڈ مارشل سید عاصم منیر
10th Aug 2025
•
تازہ ترین
کل وکلا وزیر اعلیٰ ہاؤس پر احتجاج کریں گے۔صدر کراچی بار عامر نواز وڑائچ
08th Aug 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: وزیراعظم محمد شہباز شریف سے چیئرمین پاکستان پیپلز پارٹی بلاول بھٹو زرداری کی ملاقات
08th Aug 2025
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری سے پی پی پی وسطی پنجاب کے صدر راجہ پرویز اشرف کی ملاقات
10th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، سنڌ جي سينئر صحافي تصوير سنديلو جي پٽ جي موٽرسائيڪل چوري
10th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ ( پي ايف يو جي جي 75هين سالگره جي تقريب منعقد
10th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري: ڳوٺ ٽڳڙ ۾ محمد قاسم جوڻيجو جو عرس ملهايو ويو
10th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
گجو لڳ ڳوٺ عظا محمد جوکيو ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جي ڪوشش، ڳوٺاڻن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سورج سجاولي تاريخ
0 تبصرے