ڏوڪريءَ ۾ ضلعي ڪائونسل چيئرمين لاڙڪاڻي پاران مختلف ھنڌن جا دورا

ان موقعي تي ضلعي چيئرمين سان گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي ۽ ٻيا به گڏ هئا

ڏوڪريءَ ۾ ضلعي ڪائونسل چيئرمين لاڙڪاڻي پاران مختلف ھنڌن جا دورا

ڏوڪري(رپورٽر)ڏوڪريءَ ۾ ضلعي چيئرمين جا مختلف ھنڌن جا دورا، ضلعي اندر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي پراپرٽين تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي تحويل ۾ وينديون(اعجاز لغاري) تفصيل موجب ضلعي لاڙڪاڻي جي ضلعي چيئرمين اعجاز لغاري ڏوڪري پھچي مختلف ھنڌن تي موجود ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي پراپرٽين جو دورو ڪيو، جنهن بعد ضلعي چيئرمين اعجاز لغاري ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ڳالهائيندي چيو ته نيب طرفان جاري ڪيل حڪم نامي تحت ضلعي لاڙڪاڻي ۾ موجود ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جون پراپرٽيون موجود آهن يا جن تي وقت گذرڻ بعد قبضا ٿيل آهن، آهي قبضا ختم ڪرائي، پراپرٽي پنهنجي تحويل ۾ ورتيون وينديون.ھن چيو ته جن ماڻهن دوڪان ٺاهي ڇڏيا آهن انهن سان ميٽنگ ڪري وارننگ جاري ڪئي ويندي جنهن بعد ڪارروائي ڪري پراپرٽي تحويل ۾ ورتي ويندي.ان موقعي تي ضلعي چيئرمين سان گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي،اسسٽنٽ مختيارڪار ڪامران منگي،انڪروچمينٽ آفيسر غوث بخش جتوئي.پيپلزپارٽي تعلقي ڏوڪري جو صدر منير احمد سوهو پڻ گڏ ھئا.