ڳوٺ نم وارا کوسا ۾ شرپسندن صحافي خادم حسين سيال جي زرعي زمين تي پهچي فائرنگ ڪئي
نوشهروفيروز (ڊر)ابڙان پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي، ڳوٺ نم وارا کوسا ۾ نوشهروفيروز جي صحافي خادم حسين سيال جي زرعي زمين تي نامعلوم جوابدار انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن سبب ٽيوب ويل لاء لڳل سولر پليٽون تباهه ٿي ويون. ڳوٺاڻن جي سجاڳ ٿيڻ تي هٿياربند فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ صحافي خادم حسين سيال ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس جي نااهلي سبب هي ٻيو ڀيرو منهنجي زمين تي لڳل سولر پینل کي نقصان پهچايو ويو آهي. هن ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪري ابڙان پوليس کي پابند بڻايو وڃي ته جيئن ڏوهن تي ڪنٽرول ٿي سگهي. هوڏانهن پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي صدر محمد يونس راڄپر، جنرل سيڪريٽري علي نواز سولنگي، قاضي ذوالفقار، محبوب علي ڪلهوڙو، شاهد چنه ۽ ٻين جي اڳواڻي م صحافين خادم سيال جي زرعي فارم تي فائرنگ واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو م گھر ڪئي ته فوري طور جوابدار گرفتار ڪري صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
0 تبصرے