داؤد انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ تقريب منعقد ٿي، قومي پرچم لهرائڻ سان گڏ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
ڪراچي/عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون براءِ انساني حقن، راجوير سنگھ سوڍا، اڄ صبح داؤد انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچي ۾ منعقد ٿيل مورڪۂ حق ۽ يومِ آزادي جي شاندار تقريب ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ قومي پرچم لهرائڻ سان گڏ وطن جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي، راجوير سنگھ سوڍا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جي بقا، ترقي ۽ سلامتي لاءِ هر شهري کي پنهنجو ڪردار ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي، هن وڌيڪَ چيو ته انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ گڏيل جدوجهد وقت جو اهم تقاضو آهي، تقريب ۾ يونيورسٽي جي انتظاميا، استاد، شاگرد ۽ مختلف سماجي حلقن سان تعلق رکندڙ شخصيتون وڏي تعداد ۾ موجود هيون، جن قومي گيت ڳائي جذباتي ماحول پيدا ڪيو.
0 تبصرے