سنڌي ادبي سنگت شاخ مليرطرفان عوامي پريس ڪلب ملير جي سهڪار سان رزاق آباد ۾ ورسي تقريب منعقد
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ناليواري صحافي، شاعر ۽ قومي ڪارڪن سلطان شاهه ساقي جي ڏھين ورسي سنڌي ادبي سنگت شاخ مليرطرفاڻ عوامي پريس ڪلب ملير جي سهڪار سان رزاق آباد ۾ ملھائي ويئي تقريب ۾ علمي، ادبي، صحافتي ۽ سياسي حلقن سان واسطو رکندڙ شخصيتن خدا ڏنو شاہ، راشد لکمير، اياز ھڪڙو، لجپت راءِ ، علي مستوئي، اقبال شاھين، جمال مراد گبول، علي محمد ڪلمتي ، جمشيد زھراڻي ، سيد غفور شاھ تقوي،حاجي عالم شير گبول وحيد مراد سيال, اصغر مھرائي، عنايت شاھ ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي شاعرن شاعري ذريعي سلطان شاهه ساقي کي زبردست لفظن جي ڀيٽا ڪئي آن موقعي تي مقررن چيو ته سلطان شاه ساقي رڳو هڪ فرد نه، پر هڪ فڪر، هڪ تحريڪ ۽ هڪ جرئت جو نالو هو مقررن جو چوڻ ھو ته ساقي شاه پنهنجي قلم کي ڪڏهن به خاموش نه ٿيڻ ڏنو، هو شاعريءَ جي نرميءَ سان به ڳالهائيندو هو ۽ صحافتي سچائيءَ سان به، جڏهن ته قومي جدوجهد ۾ سندس عزم پهاڙ جيان اڏول رهيو. هو انهن شخصيتن مان هو، جن پنهنجي سوچ ۽ لفظن سان نه صرف ملير، پر پوري سنڌ ۾ بيداريءَ جو شعور پيدا ڪيو.ورسيءَ جي موقعي تي سندس شاعريءَ جا ڪجهه بند پڙهيا ويا، جن ۾ محبت، وطن ۽ حق لاءِ جدوجهد جو پيغام اوتيل هومقررن چيو ته اهڙيون شخصيتون وقت جي لهرن ۾ وساري نٿيون سگهجن، ڇو ته انهن جا فڪر ۽ خواب ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائيءَ جا مينار آهن. تقريب جي پڄاڻيءَ تي سلطان شاهه ساقي جي شاعري کي فنڪار عبدالخالق ڀٽي گيتن جو ويس پارائي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ان.موقعي تي سندس ياد ۾ شمعون ٻارايون ويون ۽ اهو عهد ڪيو ويو ته سندس فڪر ۽ جدوجهد کي نه رڳو زنده رکبو، پر نئين نسل جي رڳ رڳ ۾ سمائي ايندڙ مستقبل ڏانهن وڌبو.
0 تبصرے