ڏوڪري: ڳوٺ ٽڳڙ ۾ محمد قاسم جوڻيجو جو عرس ملهايو ويو

عرس جي تقريب کي غلام اڪبر سيهڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو

ڏوڪري: ڳوٺ ٽڳڙ ۾ محمد قاسم جوڻيجو جو عرس ملهايو ويو

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٽڳڙ ۾ مخدوم محمد اسماعيل جوڻيجو جي والد محمد قاسم جوڻيجو جو عرس ملهايو ويو. مخدوم محمد هاشم جوڻيجو جي عرس ۾ سندن جي پونئيرن قاضي سيف الدين جوڻيجو، قاضي صلاح الدين، قاضي فياض الدين، قاضي هدايت ﷲ، قاضي وحيد الدين، زوار قاضي وحيد علي، قاضي عبدالمجيد ۽ ٻين پاران ڳوٺ ٽڳڙ ۾ ملهايو ويو، عرس جي موقعي تي جلسو ڪرايو ويو جلسي کي غلام اڪبر سهيڙو خطاب ڪندي چيو ته آقا محمد مصطفي ﷺ ۽ آقا ڪريم ﷺ جن جي آل ڪربلا ۾ شهادت ماڻي اسلام جو علم بلند ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مخدوم محمد قاسم جوڻيجو خدا تعالي ۽ آقا محمد مصطفي ﷺ جن جي دين جي خدمت ڪرڻ لاءِ جنگ جر توڙي هر هنڌ دين جو پيغام پهچايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جن به ﷲ سائين کي راضي ڪيو آهي ۽ خدا تعالي اڄ انهن وٽ لکين ماڻهن جي حاضري لڳائي ٿو.