سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روينيو ملازمن جا مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا

سکر، لاڙڪاڻو، قمبر، خيرپور، کپرو، ڪوٽڙي، مانجهند ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روينيو ملازمن جا مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا

ڪراچي (رپورٽرز وٽان) آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسئيشن پاران مختلف شهرن ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ۽ مظاهرا، سکر ۾ روينيو ملازمن پينشن ۾ ڪٽوتي خلاف آفيسن جي تالا بندي ۽ ڪم ڪار جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي صدر آل روينيو سنڌ ايسوسئيشن سکر عبدالقدير ميمڻ، جنرل سيڪريٽري نويد شيخ، سمندر ڀٽو، زاهد دايو ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پينشن ۾ 75 سيڪڙو ڪٽوتي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ملازمن جو معاشي قتل عام ڪيو آهي. هن مهانگائي واري دور ۾ صرف 15 سيڪڙو پينشن مان گهر هلائڻ نا ممڪن آهي. سنڌ حڪومت پاران ملازمن کي عمر جي آخري حصي ۾ مالي محتاجي جي ور چاڙهڻ جي مذمت ڪريون ٿاملازمت دوران روينيو آفيسر توڙي ملازمن کي تشدد، حراسمينٽ سميت سنگين مسئلا درپيش هوندا آهن. روينيو آفيسرن ۽ ملازمن کي حفاظت لاءِ مئجسٽريٽي اختيار ڏنا وڃن. پينشن ۾ ڪٽوتي وارو نوٽيفڪيشن فوري طور تي واپس وٺي روينيو ملازمن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. لاڙڪاڻي ۾ آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسئيشن طرفان نئين پينشن پاليسي خلاف قلم ڇڏ هڙتال ڪري ڌرڻو هڻي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي.ان موقعي تي اڳوڻي ڊويزنل صدر نثار جعفري، يونٽ صدر معشوق کوسو سميت ڳالهائيندي چيو تهاسين روينيو کاتي جا ننڍا ملازم ورهين کان وٺي ڊيوٽيون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ رٽائرمينٽ جي ويجهي پهتا آهيون جتي مهانگائي جو طوفان آهياتي ننڍن ملازمن کي رليف ۽ مراعتون ڏيڻ بجاءِ حڪومت ننڍن ملازمن جو معاشي قتل عام ڪري نئين پينشن پاليسي متعارف ڪرائي آهي جنهن موجب پينشن جي رقم ملازمن جي پگهار مان ڪٽوتي ڪئي وينديمهانگائي جي هن دور ۾ اڳ ئي پگهار مان گهر جو خرچ هلائڻ انتهائي مشڪل ٿي پيو آهي. هنن چيو ته روينيو کاتي جي ننڍن ملازمن کي 35 سيڪڙو ڊسپيرينٽي الائونس سميت ٻين مراعتن کان محروم رکي کين مختلف طريقن سان تنگ ڪري حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃيان لاءِ اسان جي مرڪزي صدر سيد سردار شاهه طرفان سنڌ حڪومت کي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو آهي پر اڄ ڏينهن تائين ان تي عمل ٿي نه سگهيو آهي جنهن ڪري ملازمن ۾ سخت پريشاني واري لهر ڇانيل آهيهنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، روينيو کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نئين پينشن پاليسي واپس وٺي 35 سيڪڙو ڊسپيرينٽي الائونس سميت ٻيون مراعتون ڏئي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.کپرو ۾ روينيو ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج اي سي آفيس کپرو سامهون آل روينيو سنڌ امپلائيز ايسيوسيشيشن جي مرڪزي صدر ۽ ضلع صدر جي حڪم تي کپرو مختيارڪار آفيس ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيسن جي تالابندي ڪري اي سي آفيس سامهون ڪيمپ لڳائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو روينيو ملازمن جي تحفظ ـ پينشن جي ڪٽوتي ـ مئجسٽريٽ پاور ۽ ـ روينيو ملازمن پنهنجها اختيار ڏيو هنن چيو ته پنهنجي قيادت جي جوڙيل پاليسي تحت تحريڪ ھلائڻ جو وچن ڪريون ٿا هر موڙ تي قيادت سان گڏ هونداسين خيرپور ۾ آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڊي سي آفيس اڳيان احتجاج طور ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي جي اڳواڻي نثار احمد سومرو، مختيار احمد ڀٽي، روشن علي دل، احسان علي مڱڻهار، بشير احمد جتوئي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت طرفان پينشن مان ڪٽوتي ڪري ملازمن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، موجوده مهانگائي جي دور ۾ حاضر سروس ملازمن جو گذر سفر ڏکيو آهي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن مان ڪٽوتي ڪري انهن کان ٻه ويلا ماني جو حق به کسيو پيو وڃي هنن چيو ته مئجسٽريٽي جا پاور بحال ڪري روينيو آفيسرن ۽ ملازمن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي هنن چيو ته مختيارڪارن جي سينارٽي لسٽ جاري ڪري جلد پروموشن ڪيا وڃن اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سمورا مطالبا منظور ڪري ملازمن ۾ پيدا ٿيو بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو قمبر ۾ روينيو ملازمن پينشن ۾ ڪٽوتي خلاف آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو روينيو ملازمن عاشق علي کيڙو، غلام مصطفي گاڏهي،مختيار علي ميڻو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته سنڌ سرڪار پينشن ۾ 65 سيڪڙو ڪٽوتي ڪري ملازمن جو معاشي قتل عام ڪيو آهي، هن مهانگائي واري دور ۾ سنڌ حڪومت ملازمن کي عمر جي آخري حصي ۾ ملازمن کي محتاجي جي ور چاڙهي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پينشن ۾ ڪٽوتي وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ملازمن جي حفاظت لاء مئجسٽريٽي اختيار ڏنا وڃن، ڪوٽڙيءَ ۾ روينيو ملازمن طرفان پينشن ۾ ڪٽوتي واري حڪومتي فيصلي خلاف احتجاج ڪيو ويو، روينيو ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري موسا رودناڻي، معشوق قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڪئمپ لڳائي احتجاج ڪيو، سندن چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پينشن ۾ ڪٽوتي ڪري ملازمن جو معاشي قتل ڪري رهي آهي پينشن ۾ ڪٽوتي وارو نوٽيفڪيشن بنا دير واپس ورتو وڃي. مانجھند ۾ آل پاڪستان روينيو ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي پنشن ۾ ڪٽوتي ۽ مئجسٽريٽي اختيارن جي بحاليءَ لاءِ مختيارڪار آفيس مانجھند ۾ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آل پاڪستان روينيو ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي مختيارڪار آفيس مانجھند ۾ روينيو ملازمن پاران پنشن ۾ ڪٽوتي جي خلاف ۽ مئجسٽريٽي اختيارن جي بحاليءَ جي مطالبي لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هن احتجاج جي اڳواڻي روينيو ملازمن جي اڳواڻن رضا محمد ميسو، آصف علي ميمڻ، علي اڪبر سومرو، محمد جمن ڇڇر ۽ اسرار احمد سولنگي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ ھيو تہ سنڌ حڪومت پاران پنشن جي مد ۾ ڪيل ڪٽوتي ملازمن جي مالي تحفظ لاءِ نقصانڪار آهي. ان سان گڏوگڏ، مئجسٽريٽي اختيارن جو خاتمو روينيو عملي جي انتظامي صلاحيتن کي محدود ڪري ٿو، جيڪو انهن جي روزمرهه جي ڪمن ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي. روينيو ملازمن جو چوڻ آهي ته اهي اختيار کين زمينن جي معاملن ۾ قانوني ۽ انتظامي طور تي بااختيار بڻائيندا هئا، ۽ انهن جي بحاليءَ سان نه رڳو ملازمن جو مورال بلند ٿيندو پر عوامي خدمت ۾ به بهتري ايندي. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ رضا محمد ميسو چيو ته “اسان ملازمن کي پنشن جي مد ۾ ڪٽوتي برداشت نه آهي، ڇو ته اها اسان جي محنت جي سالن جي عيوض ملندڙ حق تي ڌاڙو آهي.” آصف علي ميمڻ جو چوڻ هو ته “مئجسٽريٽي اختيارن جو خاتمو اسان جي انتظامي طاقت کي گهٽائي ٿو، جيڪو عوامي خدمت ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي.” علي اڪبر سومرو، محمد جمن ڇڇر ۽ اسرار احمد سولنگي پڻ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور تي ملازمن جا جائز مطالبا تسليم ڪري ۽ روينيو کاتي جي ملازمن کي سندن حق ڏنا وڃن.