English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شھيد محترمه بينظير ڀٽو _ جمهوريت جي عملبدردار
213 views
|
20th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محمدجمن ٻگهيو وڪيل)
برو هو ڀنڀور, جو آرياڻيء اجاريو,
لاٿو سڀ لوڪ تان, هاڙيي ڌڻيء ھور,
ڇوريون ڇرڻ سکيون, پنهون ڪيائين پور,
آيو سو اتور, جنهن ڏکيون ڏک وهاريون, (شاھ)
سوشلسٽ ذھن جي ڏاهي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي گهر منفرد ڪردار جي نياڻي (پنڪي) 21 جون 1953 ع ۾ سنڌ جي روشنين جي شھر ڪراچيء ۾ ڄائي, جنهن جو نانء به معني خيز بينظير يعني بي مثل رکيو ويو,
هند به سندر, سنڌ به سندر,
سندر آ سارو سنسار,
ڪهڙي ماءُ ڄڻيو, اڄ تائين,
پنهنجي ڪک مان ڪو ڪوجهو ٻار (آڪاش)
محترمه شھيد جي
بنيادي تعليم انگلش ميڊيم اسڪولن کان ٿيڻ بعد, دنيا جي مرڪزي علمي درسگهائن هارورڊ يونيورسٽي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ٿي, بينظير ڀٽو شھيد آڪسفورڊ يونين جي صدر پڻ رهي,
محترمه شھيد جي تعليم ۽ تربيت شھڪار انداز ۾ ٿيندي رهي, هوڏانهن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو اعلي سياسي ڪردار ۽ ڪڌ ڪاٺ به مٿاهيون منزلون ماڻيندو رهيون, شھيد ڀٽو پنهنجي نياڻي بينظير کي علم سياست, مخلوق خداونديء جي خدمت جي تربيت ڏيڻ ڪري دنيا جي مرڪزي اڳواڻن سان پڻ تعرف ڪرائيندو رهيو, محترمه سکندي رهي جو اڳتي سندس امتحان ٿيڻو هو, کڻين نيڻ خمار مان, جان ڪيائون ناز نظر,
سورج شاخون جهڪيون, ڪاماڻو قمر,
تارا ڪتيون تائب ٿيا, ديکيندي دلبر,
جهڪو ٿيوم جوهر, جانب جي ته جمال سين (شاھ)
محترمه شھيد بينظير ڀٽو صاحبه لبرل, سوشلسٽ خيالان کان واقف ڪردار ان وقت وڃي امتحان جي ور چڙھي جڏ سندس بابا عظيم قائد عوام چونڊيل وزيراعظم کي تخت دار ڪري جيل ۾ وڌو ويو ۽ ڪوڙي ڪيس ۾ سزاء موت ڏني وئي, هڪ جوان نفيس پڙھيل لکيل عورت لاء قيامت کان گهٽ ماحول نه هو, دنيا ۽ ملڪ جي ادارن کي واجهائيندي رهي, پنهنجي امڙ مادر جمهوريت بيگم نصرت صاحبه, جوان ڀائرن, ڀيڻ,خاندان, پاڪستان پيپلز پارٽي جي ورڪرن جو سهارو بڻين, آمر ضياء سندس والد کي ڦاهيء چاڙھيو شايد ان اهو سوچيو هو ته ڀٽوازم ختم ٿيندو, پر در اصل جنهن جو استاد عظيم اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو هجي اهو شگرد به باڪمال ئي هو, شھيد محترمه بينظير پنهنجي جيجل بيگم نصرت ڀٽو صاحبه سان هر ڏک ونڊيو, اڳتي وڌندي رهي, سندس ان ڪردار تان ڊنل وقت جي جابرن انهن کي قيد و بند ۾ رکيو هلچل وڌندي رهي بل آخر سندس کي 1984 ڌاران جبري جلاوطن ڪيو ويو,
سندس اڻ تڻ پنهنجي بابا جي عظيم عوامي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي کي سنڀالڻ خاطر شھيد محترمه 1986 ڌاران لکين عوامي استقبال ذريعي ملڪ پاڪستان واپس ٿي, سندس جيون کي مرد حر آصف علي خان زرداري جو سهارو پڻ مليو ۽ اڳتي وڌندي رهي, 1988 جي اليڪشن ۾ سوڀاري ٿي اسلامي دنيا جي پهرين عورت ملڪ پاڪستان جي 11هين وزيراعظم بڻي, ڪجھ ئي مهينن اندر سندس چونڊيل حڪومت کي ڪوڙن ڪرپشن جي فلسفن ذريعي 1990 ع ۾ ختم ڪيو ويو,
مختلف محاذ ٺاهي عوامي آواز جي خلاف حڪومت ٺاهي وئي پر محترمه شھيد صبر ڪندي اپوزيشن اڳواڻ جو ڪردار پڻ ڪندي رهي, هڪ ڀيرو ٻيهر 1993ع ۾ عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي شھيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي 13هين وزارت عظمي جي منسب تي چونڊي ورتو, محترمه شھيد جي حڪومت هڪ مثالي حڪومت رهي, ڀٽوازم کان خوفزده ذھنن ٻيهر سازشون ڪندي شھيد راڻيء جي چونڊيل حڪومت کي 1996ع ۾ ختم ڪرائي, سندس ئي حڪومت ۾ سندس جگري ڀاء مرتظي ڀٽو کي شھيد ڪرايو, هر اها اذيت محترمه شھيد کي ڏني وئي جنهن کي اذيت چئبو آھي,
شھيد محترمه پوء به خاموش نه رهي جمهوريت بهترين انتقام واري واٽ تي قائم دائم رهي, اٽي, لٽي, اجهي واري فلسفي تي اٽل رهي, ضياء جي جانشينن, مشرف جي عذيتن کي ڀوڳيندي رهي, جلاوطن رهندي پاڪستان پيپلز پارٽيء جي ورڪرن سان ڳنڊي رهي, واه واه جي بينظير هئي, الله پاڪ جي رحمت ۾,
بي پهچ مظلوم ميهارن ۾,
ٻاهر ٻرندڙ راڙن ۾,
ڀرتن رلهين رمالن ۾,
تون زنده آھين, ڇا لاء ته تون بينظير آن, (جمن)
محترمه شھيد عظيم سياسي اڳواڻ سان گڏ گڏ عظيم امڙ هئڻ پڻ ثابت ڪري ڏيکاريو
محترم بلاول ڀٽو زرداري, محترمه بختاور ڀٽو زرداري, محترمه آصفه ڀٽو زرداريء جن جي به علمي, سياسي, اخلاقي نظردازي سندس ئي هٿن سان ٿي, محترمه شھيد هڪ دفعو ٻيهر عوامي سمنڊ ذريعي 18 آڪٽوبر 2007 تي ڪراچيء پهتي, جٿي سندس جي قافلي تي خودڪش بمبار ذريعي حملو پڻ ٿيو سوين ڪارڪن شھيد ٿيا ۽ محترمه کي زندگيء جون ڪي گهڙيون وڌيڪ ملي پيون, ملڪ جي ڪنڊ قڙش ۾ ھڪ نئين عظم سان نڪري پئي, دشمنن کي للڪاريندي رهي, اهو اعلان پڻ ڪري چڪي ته مهنجو موت هنن مسڪينن سان گڏ ٿيندو, هڪ عورت جنهن ملڪ جي واهڻ واهڻ, وستي وستي فتح ڪري ورتي ھئي,
27 ڊسمبر 2007 جي شام دردن جي دنيا جي شھر راول پنڊيء منجھ سندس شھادت عوامي اجتماع کان پوء ٿي, ڳڙھي خدا بخش ۾ سندس بابا سان گڏ سندس آخري آرام گاه بڻين,
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
محمدجمن ٻگهيو
شھيد محترمه بينظير ڀٽو
benazir bhutto
0 تبصرے