ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي سيڪريٽري جي سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو آمد

سيڪريٽري ثقافت، سياحت خير محمد ڪلوڙ سان مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماهر پڻ گڏ هئا

ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي سيڪريٽري جي سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو آمد

ڏوڪري (رپورٽر) ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو.سيڪريٽري ثقافت سان مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماهر گڏ ھئا.جڏھن ته موهن جو دڙو تي آرڪيٽيڪٽ نويد احمد سانگاه ڪيوريٽر احسان عباسي سيڪريٽري ثقافت کي موهن جو دڙو تي هلندڙ آثارن جي ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.جڏھن ته سيڪريٽري ثقافت اسٽوپا ميوزيم سميت ايڇ آر ايريا جي آثارن جو هلندڙ مرمتي ڪم جو معائنو ڪيو.جڏھن ته ثقافت کاتي جو سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ پاران موهن جي دڙي تي هلندڙ ايڇ آر ايريا ۽ ٻين سائيٽن تي مرمتي ڪم جي پڻ ساراھ ڪئي.سيڪريٽري ثقافت کاتي پاران موهن جو دڙو جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته آثارن جو مرمتي ڪم بهتر کان بهتر ڪيو وڃي ته جيئن آثار محفوظ رهي سگهن.