ملير (رپورٽر) هينڊز ويلفيئر فائونڊيشن جي هيڊ آفيس ۾ چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جي حلف برداري جي پروقار تقريب منعقد ٿي. ان موقعي تي باني چيئرمين پروفيسر اي. جي. بللو، ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد کان چيئرمين جو حلف ورتو.ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد، چيئرمين HANDS، ان کان پوءِ مقبول احمد کان چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (CEO) جو حلف ورتو. تقريب دوران ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد ۽ مقبول احمد پنهنجي زندگي ۽ جدوجهد جا احوال ٻڌايا جڏهن ته اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد اسماعيل پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو تقريب جي ڀڄاڻي تي پروفيسر اي. جي. بلو جي ٿورا مڃڻ سان ٿيو. تقريب ۾ سوين ماڻهن، معززن، بورڊ ميمبرن، فئڪلٽي ۽ ٻين مهمانن شرڪت ڪئي
0 تبصرے