ملير: يوسي درساڻو ڇنو جو قديم ڪارو خاصخيلي ڳوٺ برساتن سبب گند ۽ ڪچري ۾ تبديل

ڳوٺ ڀرسان 6مھينن کان پيل ڪچري جا ڍير پاڻياٺ ۾ تبديل ٿي گهٽين ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيا

ملير: يوسي درساڻو ڇنو جو قديم ڪارو خاصخيلي ڳوٺ برساتن سبب گند ۽ ڪچري ۾ تبديل

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)يوسي درساڻو ڇنو جو قديم ڪارو خاصخيلي ڳوٺ برساتن سبب گند ۽ ڪچري ۾ تبديل، ڳوٺ ڀرسان 6مھينن کان پيل ڪچري جا ڍير پاڻياٺ ۾ تبديل ٿي گهٽين ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيا، گندگي ۽ بدبو سبب رهواسين جو جئيڻ مال خطرناڪ بيماريون پکيڙجڻ جو خطرو برساتن کان اڳ گڏاپ ٽائون جي وائس چيئرمين ۽ يوسي جي چيئرمين کي ڪيتريون ئي شڪايتون ڪيون پر ڪچرو نه کڻايو ويو انتظاميا فوري طور ڳوٺ مان گند ڪچرو کڻائي انساني حياتون بچائي ڳوٺاڻن جو مطالبو تفصيل موجب يوسي درساڻو ڇنو ۾ آباد قديم ڪارو خاصخيلي ڳوٺ برساتن سبب گند ۽ ڪچري ۾ تبديل ٿي ويو آھي ڳوٺ ڀرسان ڪچري جا ڍير برسات جي پاڻي ۾ شامل ٿي ڳوٺ جي گهٽين ۽ گهر ۾ ڪاهي پيا آھن جنهن سبب رهواسين جو جئيڻ جنجال ٿي پيو آھي گندگي بدبو سبب خطرناڪ بيماريون پکيڙجڻ جو خطرو وڌي ويو آھي ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن محمد علي مختيار مصطفي خاصخيلي اقبال خاصخيلي دائود خاصخيلي ۽ منظور خاصخيلي ٻڌايو ته ڪارو خاصخيلي ڳوٺ کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو پيو وڃي ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙھيل ڳوٺ ۾ ڪچري جي ڍير کڻڻ لاء ڪيترائي ڀيرا گڏاپ ٽائون جي وائس چيئرمين ڄام محمد جوکيو ۽ يوسي جي چيئرمين نبي بخش پالاري کي شڪايتون ڪيون آھن پر تنهن باوجود ڪچرو کڻائي صفائي نه ڪرائي ويئي آھي هنن مطالبو ڪيو ته گڏاپ ٽائون ۽ يوسي درساڻو ڇنو جي انتظاميا فوري طور ڳوٺ مان گند ڪچرو کڻائي انساني حياتون بچائي ٻئي صورت ۾ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي پونداسين