لکي غلام شاهه شھر ۾ مٺو پاڻي گذريل 40 سالن کان شھر واسين لاءِ خواب بڻيل

واٽر سپلاءِ اسڪيم تحت آيل ڪروڙين روپيه مبينا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا، رهواسي پريشان

لکي غلام شاهه شھر ۾ مٺو پاڻي گذريل 40 سالن کان شھر واسين لاءِ خواب بڻيل

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور جي لکي غلام شاهه شھر ۾ مٺو پاڻي گذريل 40 سالن کان شھر واسين لاءِ هڪ خواب بڻيل. واٽر سپلاءِ اسڪيم تحت آيل ڪروڙين روپيه مبينا طور ڪرپشن جي ور چڙهي ويا، .سياسي،سماجي اڳواڻ به ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگھيا. شھر واسي پنھنجي مدد پاڻ تحت ڏورانهين علائقن کان ملھ عيوض پيئڻ جو پاڻي ڀرائڻ تي مجبور بڻيل، پيئڻ جو پاڻي کارو ھجڻ سبب شھر ۾ ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجڻ لڳيون شھر واسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور شھرين پاران اعلي اختيارين کان ڪرپشن جي جاچ ڪري مٺو پاڻي مھيا ڪرڻ جو مطالبو.