English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جو بجيٽ اجلاس چيئرمين عبدالحميد جيسر جي صدارت ھيٺ ٿيو
138 views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري (رپورٽر) ٽائون ڪميٽي ڏوڪري جو بجيٽ اجلاس چيئرمين عبدالحميد جيسر جي صدارت ھيٺ ٽائون آفيس ۾ منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ وائيس چيئرمين سيف الله سومرو، ٽائون آفيسر راجا محمد ياسين ڀٽو، اڪائونٽ آفيسر آصف علي تنيو، ڪائونسلر حبيب الله کوکر، محراب خاصخيلي، ڪاشف خاصخيلي فدا حسين گاڏھي، مونا فقير، بشير ٿھيم، پرھ ڍڪڻ ۽ ڪرڻ ڪمار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جي سال 2025.2026 جي خساري واري بجيٽ پيش ڪئي وئي، جنھن کي يڪراءِ منظور ڪيو ويو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين عبدالحميد جيسر چيو ته آء ٽي سينٽر، پارڪس، بس اسٽاپ، ويٽنگ رومز، سي سي ٽي وي سسٽم ۽ اسٽريٽ لائيٽ سميت ڏوڪري شھر ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن. ھن چيو ته ڪائونسل، ملازمن ۽ شھرين جي تعاون سبب ئي محدود بجيٽ ھئڻ باوجود وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ممڪن بڻيا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته پ پ ايم پي اي عادل الطاف انڙ طرفان ڏوڪري ٽائون ۾ ترقياتي اسڪيمن جي خاطري ڪرائي آھي، جنھن سان ڏوڪري شھر خوبصورت ضرور بڻبو. ھن چيو ته ڏوڪري جي شھرين لاءِ ميونسپل جي سمورن سرٽيفڪيٽن جي فيس ختم ڪئي آھي، عوام کي صحت صفائي، اسٽريٽ لائيٽ سميت بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ اولين فرض آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري
0 تبصرے