English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پوليس پاران مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ
139 views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
مقابلي دوران هڪ ڏوهاري شبير بروهي پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو: پوليس
شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور ڀرسان لوڊرا ٿاڻي جي حد چوئي شاخ لڳ ڳوٺ وڏا ماڇي ۾ پوليس جو ڏوھارين سان مبينا مقابلو ھڪ ڏوھاري مارجي ويو ھڪ زخمي حالت ۾ گرفتار, مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوھاري جي سڃاڻپ شبير ولد علي نواز بروھي طور ٿي آھي, جڏھن تہ زخمي گرفتار ڏوھاري کي پوليس نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي,پوليس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي تہ لوڊرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا ماڇي ۾ ڏوھارين جو اطلاع مليو 4 ڏوھاري ڏوھ ڪرڻ جي ارادي سان چوئي شاخ ڳوٺ وڏا ماڇي ويجھو بيٺل آھن,مختلف ٿاڻن جي پوليس بروقت واقعي واري ھنڌ پھتي جتي ڏوھارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني پوليس پاران فائرنگ ڪئي وئي, مارجي ويل ڏوھاري شبير بروھي پنھنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ موقعي تي مارجي ھڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي, جڏھن تہ 2 ڄڻا فرار ٿي ويا آھن, مارجي ويل ڏوھاري جو لاش ضروري ڪاروائين لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي,ھوڏانھن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب مبينا مقابلي ۾ مارجي شبير بروھي ڳوٺ وڏا ماڇي ۾ رات دير سان ماڇي برادري جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آھي ڀاڳين چور سمجھي فائرنگ شروع ڪئي ڀاڳين جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب شبير بروھي مارجي ويو ھڪ ڄڻو جان محمد سندراڻي زخمي ٿي پيو آھي, ٻي طرف لوڊرا پوليس مبينا قابلو ڄاڻائي ڇڏيو,مقتول شبير بروھي جي وارثن امڙ حاڪمزادي,ڀاء رفيق بروھي, سراج بروھي جو چوڻ آھي تہ شبير رات پنھنجي دوستن جان محمد سندراڻي سان ڳوٺ وڏا ماڇي دوا وٺڻ وڃي رھيا ھئا ماڇي برادري چور سمجھي سندن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني ڀاڳين اسان جي نوجوان کي ناحق قتل ڪيو آھي ھاڻي وري پوليس مقابلو ڄاڻائي رھيا آھن,واقعي جي جاچ ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
0 تبصرے