English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ يوريا ڀاڻ جي اگهن جي حوالي سان اجلاس
154 views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)يوريا ڀاڻ جي اگهن جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ سيل جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو۔ ان موقعي تي اجلاس ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، وائيس چيئرمين ميان خالد ولهاري، ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاهري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو ۽ پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زراعت غلام سرور درس، چيئرمين آبادگار بورڊ، ضلعي عمرڪوٽ جا آبادگار غلام اڪبر درس، شڪيل باجوا، شاهنواز،انفارميشن آفيسر محمد اسلم ۽ ٻيا شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ سيل نويد الرحمان لاڙڪ ضلعي ۾ يوريا ڀاڻ جي دستيابي، اگهن ۽ ذخيره اندوزي واري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو۔ ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي تہ يوريا ڀاڻ سرڪاري مقرر ڪيل اگهن تي دستياب هجي ۽ غيرقانوني منافع خوري يا ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي تہ ضلعي اندر سمورن غيرقانوني يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندڙن جا لائسنس ختم ڪرايا وڃن ۽ رجسٽرڊ وڪرو ڪندڙن جي فهرست فراهم ڪئي وڃي۔ جيڪو بہ سرڪاري اگهن تي ڀاڻ فراهم نہ ڪري، ان خلاف پرائس ڪنٽرول ايڪٽ تحت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔ ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زراعت عمرڪوٽ اجلاس ۾ ٻڌايو تہ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪمپني جا رجسٽرڊ يوريا سيلر 18 آهن، جڏهن تہ 90 سيلر اهڙا آهن جن وٽ زراعت کاتي جا لائسنس موجود آهن۔ ھن ٻڌايو تہ آبادگارن کي وقت سر ڀاڻ جي فراهمي لاءِ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ سيل تحت زراعت کاتو هڪ شڪايت نمبر جاري ڪندو، جتي آبادگار آسانيءَ سان شڪايت درج ڪرائي سگهن ٿا۔ اجلاس ۾ زراعت، مارڪيٽ ڪاميٽي، روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے