شڪارپور ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، عوامي ڪيمپ آفيس مان چوٿون ڀيرو چوري

شڪارپور ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، عوامي ڪيمپ آفيس مان چوٿون ڀيرو چوري

شڪارپور ( رپورٽر) شڪارپور جي ھمايون ٿاڻي جي حد ۾ بدامني جي باھ ٻريل چوريون، ڦرون،ڌاڙا روز جو معمول بڻيل شڪاپور جي سماجي اڳواڻ صحافي ڪامريڊ احسان جيھو ابڙو پاران علائقي واسين لاء قائم فلاحي، سماجي خدمتن لاء عوامي ڪئمپ آفيس مان مختلف وقتن تي چار دفعا چوري ڪرائي وئي ملوث چورن مٿان ھمايون ٿاڻي تي نامينيٽ اين سي داخل ھجڻ باوجود پوليس چورن کي ھن مھل تائين گرفتار ناھين ڪري سگھي نه ئي سامان رڪوري ڪرائي سگھي آھي ھوڏانھن سول سوسائٽي، مقامي سياسي سماجي ڌرين پاران بدامني ڏوھاري راڄ توڙي سماجي اڳواڻ صحافي ڪامريڊ احسان جيھو جي علائقي جي غريب بي پھچ ، مظلوم ماڻھن لاء قائم عوامي ڪئمپ آفيس مان چار دفعا چوري خلاف، ملوث چورن جي گرفتاريءَ لاء ۽ حد ۾ امن قائم ٿيڻ لاء اڄ اڱاري جي ڏينھن پھرين جولاء تي ھمايون شريف ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو پيو وڃي، گذريل ڏينھن ھمايون شريف جي مقامي ھوٽل تي سياسي سماجي اڳواڻن سماجي اڳواڻ صحافي ڪامريڊ احسان جيھو ، جيئي سنڌ محاذ ھمايون شريف جي اڳواڻن ديشي عبدالصمد چانڊيو ، باغي صوبدار چانڊيو ، باغي علي محمد عرف بگٽي ، ڪامريڊ سجاد چانڊيو ۽ ايس ٽي پي يوسي ھمايون جي اڳوڻي صدر ڪامريڊ راشد سڌايو ، اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ اسلم سڌاي، سول سوسائٽي جي سفير احمد جيھو، قربان خان سڌايو ، شڪيل احمد، پٺاڻ ابڙو ۽ ٻين پاران ھمايون ٿاڻي جي حد ۾ مسلسل بدامني ڏوھاري راڄ ۽ فلاحي خدمتن واري عوامي ڪئمپ آفيس مان چار دفعا چوري خلاف ڪئمپ آفيس جي چوري ۾ ملوث چورن جي گرفتاري لاء حد ۾ پائيدار امن قائم رھڻ لاء اھم گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جتي اڄ پھرين جولاء اڱاري جي ڏينھن تي ھمايون شريف ۾احتجاجي مظاھرو ڪرڻ جي فيصلو ڪيو ويو