English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ فش هيچري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو
views
|
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
مير جروار، رڪ سنڌي، سهڻو سنڌي، توفيق علي جروار،ڪائونسلر رفيق احمد جروار ۽ ٻين احتجاج ڪيو
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ ۾ فش هيچري کاتي جي ڪچن ملازمن اداري جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مبينا ڪرپشن ۽ مقامي ڪچن ملازمن کي ڪڍي ٻاهريان ملازم رکڻ واري عمل خلاف احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي،اداري ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪري ورتا آهن، ڳوٺاڻن جو الزام، احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ مير جروار، رڪ سنڌي، سهڻو سنڌي، توفيق علي جروار،ڪائونسلر رفيق احمد جروار، ڪامريڊ ظفر شيخ ۽ ٻين ميڊيا جي نمائندن اڳيان الزام مڙهيندي چيو ته ڪارپ فش هيچري ڏوڪريءَ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز علي جوڻيجو، اداري کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن اداري اندر ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن، هنن وڌيڪ الزام مڙهيو ته فش هيچريءَ جون گاڏيون سالن کان خراب حالت ۾ بيٺل آهن، پر ڊپٽي ڊائريڪٽر انهن گاڏين جي مرمت جي نالي تي بجيٽ جا پئسا هڙپ ڪري رهيو آهي، مڇين جي افزائش جي نالي تي رڳو پئسا هڙپ ڪيا ويا آهن جڏهن ته ادارو مڪمل طور تي غير فعال بڻجي ويو آهي.. احتجاج ڪندڙن الزام مڙهيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر فش هيچريءَ جي مقامي ڪچن ملازمن کي ڪڍي ٻاهريان ملازم پڻ رکي ڇڏيا آهن جيڪي ڊيوٽي ڪرڻ ئي نه ٿا اچن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سندن پگهارون کائي رهيو آهي، احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز جوڻيجو کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪري اداري کي بچايو وڃي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف ڪرپشن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ مقامي ملازمن کي مستقل ڪري سندن روزگار فراهم ڪيو وڃي ۽ ٻاهرين ماڻهن کي نيڪالي ڏئي مقامي ماڻهن کي اداري ۾ رکيو وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز علي جوڻيجو ٻڌايو ته مون مٿان ڪرپشن جا الزام بي بنياد آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Oct 2025
•
سندھ
شرجیل انعام میمن کی الیکٹرک اور پنک ٹیکسی سروس منصوبوں پر تیز رفتار پیش رفت، ماحول دوست ٹرانسپورٹ نظام کے لیے کوششیں تیز
08th Oct 2025
•
سندھ
کراچی، سرکاری اشتہارات کی ادائیگیوں میں شفافیت کے لیے سیکریٹری اطلاعات سندھ ندیم الرحمان میمن کی زیر صدارت اہم اجلاس
08th Oct 2025
•
شوبز
اداکارہ آمنہ ملک کا تین حمل ضائع ہونے کا انکشاف
08th Oct 2025
•
شوبز
روڈ حادثے میں زخمی مشہور بھارتی اداکار چل بسا
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ عدالتي حڪم تي پوليس جو سرن جي بٺي تي ڇاپو 12 مزدور بازياب
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ نوجوان جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڪسٽم اهلڪار ظاهر ڪري مڪلي واسي شهري اغوا بعد بازياب، هڪ ڄڻو سوگهو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري ۾ فش هيچري
0 تبصرے