English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ فش هيچري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو
123 views
|
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
مير جروار، رڪ سنڌي، سهڻو سنڌي، توفيق علي جروار،ڪائونسلر رفيق احمد جروار ۽ ٻين احتجاج ڪيو
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ ۾ فش هيچري کاتي جي ڪچن ملازمن اداري جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مبينا ڪرپشن ۽ مقامي ڪچن ملازمن کي ڪڍي ٻاهريان ملازم رکڻ واري عمل خلاف احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي،اداري ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪري ورتا آهن، ڳوٺاڻن جو الزام، احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ مير جروار، رڪ سنڌي، سهڻو سنڌي، توفيق علي جروار،ڪائونسلر رفيق احمد جروار، ڪامريڊ ظفر شيخ ۽ ٻين ميڊيا جي نمائندن اڳيان الزام مڙهيندي چيو ته ڪارپ فش هيچري ڏوڪريءَ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز علي جوڻيجو، اداري کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن اداري اندر ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن، هنن وڌيڪ الزام مڙهيو ته فش هيچريءَ جون گاڏيون سالن کان خراب حالت ۾ بيٺل آهن، پر ڊپٽي ڊائريڪٽر انهن گاڏين جي مرمت جي نالي تي بجيٽ جا پئسا هڙپ ڪري رهيو آهي، مڇين جي افزائش جي نالي تي رڳو پئسا هڙپ ڪيا ويا آهن جڏهن ته ادارو مڪمل طور تي غير فعال بڻجي ويو آهي.. احتجاج ڪندڙن الزام مڙهيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر فش هيچريءَ جي مقامي ڪچن ملازمن کي ڪڍي ٻاهريان ملازم پڻ رکي ڇڏيا آهن جيڪي ڊيوٽي ڪرڻ ئي نه ٿا اچن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سندن پگهارون کائي رهيو آهي، احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز جوڻيجو کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪري اداري کي بچايو وڃي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف ڪرپشن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ مقامي ملازمن کي مستقل ڪري سندن روزگار فراهم ڪيو وڃي ۽ ٻاهرين ماڻهن کي نيڪالي ڏئي مقامي ماڻهن کي اداري ۾ رکيو وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز علي جوڻيجو ٻڌايو ته مون مٿان ڪرپشن جا الزام بي بنياد آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري ۾ فش هيچري
0 تبصرے